بريڪنگ نيوز

پاڪستان ۾ وڌيڪ انتهاپسندي، نفرت يا انتشار جي ڪابه گنجائش نه آهي: احسن اقبال

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير منصوبه بندي، ترقي احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، پاڪستان ۾ وڌيڪ انتهاپسندي، نفرت يا انتشار جي ڪابه گنجائش نه آهي.لاهوي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته اسان هي ملڪ ڪلمي جي بنياد تي حاصل ڪيو. اسلامي نظريات، ناموس رسالت جي جيڪا حفاظت مسلم ليگ(ن) ڪري سگهي ٿي اها ڪا ٻئي پارٽي نٿي ڪري سگهي، ڪنهن کي مذهب جي نالي تي انتشار جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان جو نظريو پاڪستان ۾ اتحاد، محبت ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏئي ٿو، اسان جو مقصد ملڪ کي جديد معيشت طرف کڻي وڃڻ آهي ته جيئن غربت جو خاتمو ٿئي ۽ هر شهري کي خوشحالي ملي سگهي جڏهن به پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي حوالي ٿيو آهي انهي ترقي ڪئي آهي، جڏهن ڦريو ويو ته اهو ڪمزور ٿيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بدقسمتي سبب جڏهن به اسان ترقي جو سفر   شروع ڪيو ته انهي کي سازش سان روڪيو ويو. 2022 ۾ هي ملڪ مليو ته دنيا ۾ شرطون لڳي رهيون هيون ته چئن هفتن ۾ پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويندو پر وزيراعظم شهباز شريف 12 پارٽين کي گڏ کڻي پاڪستان کي بچائڻ جو ارادو ڪيو. احسن اقبال چيو ته اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ملڪ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي پرواهه نه ڪئي، اسان نه صرف معيشت کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو پر صرف ٻن سالن ۾ انهي کي ترقي جي رستي تي آندو، جيڪا هڪ مثالي ڪاميابي آهي پاڪستان اڄ عالمي سطح تي اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومتي مثبت پاليسين جي بدولت 2 سالن ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 38 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو ٿي وئي آهي، وياج جي شرح 23 سيڪڙو کان 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ وڌيڪ انتشار برداشت نٿو ڪري سگهي، معرڪه ترقي کٽڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي، اسان هڪ اهڙي اڏام ڀري سگهون ٿا جنهن سان پاڪستان ترقي جي مثال بڻجي سگهي ٿو. بحيثيت هڪ قوم اسان کي معرڪه حق کان پوءِ معرڪه ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي هن ملڪ جي امن، استحڪام جي حفاظت ڪرڻي آهي، هندستان پنهنجي ايجنٽن جي ذريعي پاڪستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو به ائين ڪري رهيو آهي اهو پاڪستان جو دوست نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته معرڪه حق کان پوءِ معرڪه ترقي ۾  سڀ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته اسان کي ملڪ مان ٽيڪس چوري ختم ڪرڻي پوندي، ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے