بريڪنگ نيوز

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن خلاف سرينڊر پاليسي چٽي آهي، اها عام معافي نه آهي، ڪيسز ۾ عدالتن کي منهن ڏيڻو پوندو.صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن چيو ته گهوٽڪي ۾ قبائلي تڪرار ختم ڪرائڻ جي لاءِ سردارن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جيڪي ڌاڙيل سرينڊر نه ڪندا انهن جي خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو.هن چيو ته شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن جاري آهي، گهوٽڪي ۾ به وڏي پيماني تي آپريشن جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. ضياءُالحسن لنجار چيو ته ڪچي جي زمين ڪنهن ڪمپني يا ماڻهو کي نه ڏني ويندي، اهي زمينون ٻيلي کاتي ۽ مقامي رهواسين جون ملڪيتون آهن.صوبائي گهرو وزير چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جو مُک قاتل مارجي چڪو آهي، نصرالله گڏاڻي جي قتل  ۾ ملوث جوابدار عدالتي ڪيسز کي منهن ڏئي رهيا آهن. ضياءُالحسن لنجار سنڌ بار ڪونس جي چونڊن ۾ پروگريسو پينل جي اميدوارن جي حمايت ڪندي وڪيلن کان وڌ کان وڌ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے