اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف اڄ سموري ملڪ ۾ گهريلو گيس ڪنيڪشن کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ گهريلو گيس ڪنيڪشن جي بحالي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ سموري پاڪستان جي عوام جو هڪ پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو، گهريلو صارفين جي لاءِ سموري ملڪ ۾ گيس ڪنيڪشن کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم چيو ته 2022 ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت بڻجي ته چئني طرفن کان تمام گهڻو دٻاءُ هو ته گيس جو ڪنيڪشن ڏنو وڃي، ڇو ته گيس جي فراهمي ۾ پريشانيون هيون، جنهن جي ڪري اسان کي هر درخواست ڏيندڙ کان معذرت ڪرڻي پئي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هاڻ ڳالهه انهي تي پهتي ته گيس جي پائپ لائن ۽ انهي جو انفرا اسٽرڪچر وڇائڻ جا نه صرف حڪم ڏنا ويا آهن پر فنڊز به مهيا ڪيا ويا اهو هاڻ انفرا اسٽرڪچر به بڻجي ويو پر گيس دستياب نه هئي اڄ اهو ڏينهن آيو آهي ته سموري پاڪستان ۾ گهريلو صارفين جي لاءِ معياري تيل ري گيسيفائيڊ ليڪويڊ نيچرل گيس(آر ايل اين جي) جا ڪنيڪشن جاري ڪيا پيا وڃن.وزيراعظم چيو ته لکين درخواستون ملي چڪيون آهن. اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، اهوئي اهو تسلسل آهي جيڪو ميان نوازشريف جي دور کان هلي رهيو آهي، جڏهن ته 2013 ۾ نوازشريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجو ته سموري پاڪستان ۾ 20-20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ۽ اونداهه هئي. انهي موقعي تي وزيراعظم سمورين اتحادي پارٽين ۽ ايس اين جي پي ايل جي سموري ٽيم کي انهي اهم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي.
DailyWaka Sindhi News Papers