بريڪنگ نيوز

پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو معاملو غور هيٺ نه آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪنهن به ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو معاملو غور هيٺ نه آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ڪيترائي ڀيرا آڇ ڪئي پر پي ٽي آءِ لاڳيتو ڳالهين کان انڪاري رهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ 2018 ۾ انهي وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اقتدار ۾ آئي  هئي، پر ٽي آءِ چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ کي ٻيهر ڪلهن تي کڻي اقتدار ڏئي، پي ٽي آءِ جو اهو خواب هاڻ ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجن فيصلن ۽ سياسي طريقن جي ڪري انهي جڳهه تي پهتا آهن، پي ٽي آءِ پنهنجون صوبائي حڪومتون نه ٽوڙي ها ته شايد 8 مئي به نه ٿئي ها. وزيراعظم پي ٽي آءِ کي چيو ته اوهان ڀلي مون وٽ نه اچو، اسپيڪر جي چيمبر ۾ ڳالهيون ڪري مان اتي به اچي ويندس، پي ٽي آءِ جمهوريت کي ڊائيلاگ سان نه ڊيڊلاڪ سان هلائڻ چاهي ٿي.انهي کان علاوه هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪنهن به ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ باني جي امانت کي گنڊاپور سٺي طريقي سان سنڀاليو آهي.راڻا ثناءُالله واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو معاملو غور هيٺ ناهي، پي ٽي آءِ پرامن احتجاج ڪندي ۽ قانون کي هٿ ۾ نه کڻندي ته اهو احتجاج سندس جمهوري حق آهي.ياد رهي ته اربع تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو هو ته جيترو زور لڳائڻو آهي لڳائي وٺو، آئيني طريقي سان حڪومت نٿا ڪيرائي سگهو، مان سمورن ادارن ۽ رياست کي چيلينج ڪريان ٿو ته جيڪڏهن اوهان حڪومت ڪيرائي ڇڏي ته مان سياست ڇڏي ڏيندس.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان پنهنجن ئي ماڻهن جي سياست سبب جيل ۾ آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے