سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير کي خاص درجو ڏيندڙ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪرڻ ۽ والاريل علائقي کي ڀارت جي انتظام هيٺ ٻن علائقن ۾ ورهائڻ جي ڀارتي هڪومت جي قدم کانپوءِ ڪشمير وادي ۽ ڄمون ريجن ۾ خميس تي مسلسل 39هين ڏينهن به زندگي جو معمول مفلوج رهيو. والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جي مودي حڪومت جي فيصلي کانپوءِ سخت پابنديون ۽ ڪرفيو لاڳو آهي جڏهن ته قلم 144 تحت 4 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي لاڳو آهي. والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ مواصلات جا سمورا ذريعا 5 آگسٽ کان معطل آهن. والاريل ڪشمير ۾ سمورا دڪان ۽ واپاري ادارا بند ۽ روڊن تي گاڏين جي اچ وڃ پڻ بند آهي. ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ مظاهرن کي روڪڻ لاءِ والاريل ڪشمير ۾ وڏي انگ ۾ اضافي فوجي مقرر ڪري رکيا آهن.
