ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جو ترقياتي بجيٽ رڳو رقم جي تقسيم نھ پر عوامي زندگي کي بھتر بڻائڻ جو ھڪ ويزن آھي، 2025-26 جو ترقياتي بجيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن جو تسلسل آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ 1.018 ٽريلين رُپين جي تاريخ ساز بجيٽ پيش ڪري اسان ثابت ڪيو آھي تھ اسان رڳو واعدا نھ ڪندا آھيون پر عملي ڪم تي يقين رکندا آھيون، سنڌ سرڪار مالي سال 2025-26 جي لاءِ عوامي ضرورتن ۽ دائمي مسئلن کي نظر ۾ رکندي اھم ترقياتي رٿائن کي بجيٽ جو حصو بڻايو آھي. ھن چيو تھ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد جي لاءِ ست ست ارب رُپين جو ترقياتي پيڪيج فراھم ڪيو ويو آھي، ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ روڊن جي بھتري، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، تعليم، صحت ۽ ٻين شھري سھولتن جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي پل جي تعمير، شاھراھھ ڀٽو جي توسيع ۽ سيف سٽي جو دائرو وڌائڻ حڪومتي اوليتن ۾ آھي، سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي فراھمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آھن، حب ڪينال جي بحالي جي لاءِ 3 ڏھائي 1 ارب، شھدادڪوٽ واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 2 ارب رُپيا رکيا ويا آھن. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ 5 ايم جي ڊي سامونڊي پاني کي مٺو ڪرڻ وارو پلانٽ ۽ ٽي پي 4 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جھڙا منصوبا عالمي ادارن جي سھڪار سان مڪمل ڪيا ويندا، ٻھ لک ھارين جي مالي سھائتا سان گڏ زراعت جي شعبي ۾ 33 ارب رُپين جي لاڳت سان ميڪانائزيشن پيڪيج، ڊرپ اريگيشن سسٽم ۽ ھارٽيڪلچر ڪلسٽرز متعارف ڪرايا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ پيپلز ھائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھر ٺاھڻ جو ڪم جاري آھي، انھن گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏئي کين بااختيار بڻايو پيو وڃي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ماڻھن کي سھولتن جي فراھمي، مالي امداد ۽ بحالي جي لاءِ 21 ڏھائي ست ارب رُپيا رکيا ويا آھن، ڪُل 3642 رٿائن مان 3161 جاري اسڪيمون ۽ 48 نيون اسڪيمون شامل آھن، جڏھن تھ 119 ڏھائي پنج ارب رُپيا خصوصي ترقياتي قدمن لاءِ رکيا ويا آھن.
