ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ عادل هائوس تي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، ۽ اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي وئي آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تيل سستو ٿي رهيو آهي، پر پاڪستان ۾ ان جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا سڌي طرح عوام سان ظلم آهي حليم عادل شيخ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي باقي ناهي رهي. جڏهن عدليه آزاد نه هوندي، ميڊيا تي بندشون هونديون ۽ انصاف جو وجود نه هوندو، ته ملڪ ڪنهن به ريت صحيح طرف هلي نٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان سياسي ۽ معاشي استحڪام مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان دشمني جي ڪري عوام تي ظلم ۽ جبر جا جبل ڪيرايا پيا وڃن. پهرين عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ چورن کي حڪومت حوالي ڪئي وئي، پوءِ انهن چور حڪمرانن کي بچائڻ لاءِ آئين ۽ قانون کي ختم ڪيو ويو. 26هين آئيني ترميم جي تباهي کانپوءِ هاڻي 27هين ترميم آڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا قوم هرگز قبول نه ڪندي حليم عادل شيخ اعلان ڪيو ته عاشوري کان پوءِ عمران خان جي آزادي لاءِ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان کانسواءِ ملڪ صحيح واٽ تي نٿو هلي سگهي. قوم جي محبوب ترين اڳواڻ کي جيل ۾ رکڻ ۽ مٿس ظلم ڪرڻ کي قوم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. قوم عمران خان جي آزادي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، آزاد عدليه، آزاد ميڊيا ۽ حقيقي آزادي لاءِ روڊن تي نڪرندي.
