بريڪنگ نيوز

ڳالهه رڳو انهن سان ٿيندي جن وٽ طاقت آهي 17 سيٽن وارن وٽ ڪو اختيار ناهي: عليما خان

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان ۽ نورين نيازي چيو آهي ته ڳالهه رڳو انهن سان ٿيندي جن وٽ طاقت آهي 17 سيٽن وارن وٽ ڪو اختيار ناهي ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته هڪ ، ٻه ڪلو ميٽر اسان کي پنڌ گهمائن ٿا مريم نواز کي ان ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي ڳالهيون انهن سان ڪرڻ گهرجن جي وٽ اختيار هجي حڪومت وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي هي شرم سار به نه ٿا ٿين نورين نيازي چيو ته آمريڪا ڪنهن سان ڳالهه ڪئي آهي آمريڪا کي به پتو آهي ته طاقت ڪنهن وٽ آهي پي ٽِي آءِ باني کي اڪيلو ڪري هي سوچين ٿا عوام جي دلين مان ڪڍي ڇڏيندا هن چيوته علي امين چيو ته هو سمورن ايم پي ايز کي وٺي ايندو ايم پي ايز هتي ايندا ته دنيا کي خبر پوندي ته ڇا ٿي رهيو آهي هن چيو ته گنڊاپور پهريان سومر پوءِ چيو اڱاري تي اينداسين پر اڃا تائين ناهي آيو سوات جو واقعو تڪليف ڏيندڙ آهي جيڪو ٿيو ان تي افسوس اٿم ڌيءَ سان گڏ فاسي پئي هوس ته 30 ڪلاڪن کان پوءِ هيليڪاپٽر ذريعي ريسڪيو ڪيو ويو هو نورين نيازي چيوته حڪومت مائنس پي ٽي آءِ باني ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي تنهن ڪري ٽرائيل ۽ ملاقاتون بند آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے