بريڪنگ نيوز

پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي تحت هن ذميواري کي عاجزي سان نڀائيندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي، صدارت دوران فلسطين تي ٽه ماهي کليل بحث به ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جولاءِ 2025 لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي تحت هن ذميواري کي عاجزي سان نڀائيندو.هن چيو ته اسان جي صدارت اهڙي وقت آئي آهي جڏهن دنيا ۾ تڪرار ۽ انساني بحران هلي رهيا آهن، سلامتي ڪائونسل کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي هاڪاري ڪارروائي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته ته هو فلسطين تي ٽه ماهي کليل بحث جي صدارت به ڪندو ۽ هن مهيني ٻن اعليٰ سطحي دستخطي پروگرامن جي صدارت به ڪندو.هن چيو ته پهريون اجلاس امن ۽ تڪرارن جي پرامن حل سان لاڳاپيل هوندو، جڏهن ته ٻيو اجلاس گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل هوندو، پاڪستان سڀني ميمبر ملڪن سان ڀائيواري جو خواهشمند آهي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي وقت ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي رهيو آهي جڏهن دنيا سخت غير يقيني صورتحال، وڌندڙ تڪرارن، ۽ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي.هن چيو ته اسان ڪائونسل جي ٻين ميمبرن سان ويجهي سهڪار سان ڪم ڪنداسين ته جيئن گڏيل ۽ بروقت ڪارروائي کي ممڪن بڻائي سگهجي، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي برادري جي اميدن جي مطابق هجن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے