بريڪنگ نيوز

admin

لياري عمارت حادثو ، شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ، ايس بي سي اي آفيسر زميوار قرار

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڪلثوم سهتو جي عدالت ۾ لياري جي علائقي بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس طرفان 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس طرفان جوابدارن بلڊر عبدالرحيم، عاصم خان، آصف رضوي، عرفان …

تفصيل »

ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف فيصلائتا قدم اڻٽر آهن: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف هر سطح تي فيصلائتا …

تفصيل »

پاڪستان مالي سال 25-2024ع جي پڄاڻي رڪارڊ ترقياتي خرچن سان ڪئي: احسن اقبال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان مالي سال 25-2024ع جي پڄاڻي رڪارڊ ترقياتي خرچن سان ڪئي، سخت مالي حالتن باوجود ترقياتي خرچ ۾ تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو ۽ 1146 ارب روپيا خرچ ڪندي ملڪي تاريخ جي بلند …

تفصيل »

بلاول ڀٽو نه رڳو نوجوان قيادت جو نمائندو آھي، پر پاڪستان جي لاءِ ھڪ باوقار عالمي آواز به آھي: شرجيل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪرن ٿاپر کي ڏنل انٽرويو کي پاڪستان جي ھڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آھي. پنھنجي بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير …

تفصيل »

صدر زرداري کان استعفي وٺڻ يا آرمي چيف جي صدر بڻجڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي : محسن نقوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان کي مڪمل طور تي علم آهي صدر زرداري ، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي نشانو بڻائيندڙ ناپاڪ مهم جي پٺيان ڪير آهي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي …

تفصيل »

صرف غريب ماڻهو نه پر وڏيون وڏيون صنعتون، فرنس آئل پلانٽس به بجلي جي چوري ۾ ملوث آهن: اويس لغاري

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته صرف غريب ماڻهو نه پر وڏيون وڏيون صنعتون، فرنس آئل پلانٽس به بجلي جي چوري ۾ ملوث آهن پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پاور ڊويزن  اويس لغاري چيو آهي ته ورهاست ڪندڙ ڪمپنين سان ٿيندڙ نقصان عوام جي …

تفصيل »

يوسف رضا گيلاني ٽڊاپ ڪرپشن اسڪينڊل جي 9 ڪيسز مان بري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽڊاپ ڪرپشن اسڪينڊل جي 9 ڪيسز مان بري ڪيو ويو آهي وفاقي ڪرپشن جي  انت واري عدالت(ڪراچي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽريڊ ڊوالپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان(ٽڊاپ) جي ميگا ڪرپشن بابت وڌيڪ 9 ڪيسز مان بري قرار ڏئي ڇڏيو آهي …

تفصيل »

محسن نقوي سان پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر اعصام الحق قريشي جي ملاقات

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي سان پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر اعصام الحق قريشي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽينس کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي سي بي جي ترجمان موجب اعصام الحق اسلام …

تفصيل »

اداڪاره حميره اصغر جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل، لاش مرده خاني منتقل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊفينس فيز 6 ۾ فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪاره حميره اصغر جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي پوليس موجب حميرا جو تعلق لاهور سان هو، اداڪاره جي لاش مرده خاني منتقل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مرحومه جي وارثن سان به …

تفصيل »

ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائينڊ اجيت دوول آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي نه رڳو حمايت ڪري رهيو آهي پر مالي مدد به فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو …

تفصيل »