ڪوئٽا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو آھي تھ ھٿين خالي مسافرن کي سڃاڻپ ڪري قتل ڪرڻ ڪھڙي انساني حق جي جنگ آھي؟ انساني حقن جي تنظيمن کي پنجابين جي قتل ۽ ھر دھشتگرد جي مذمت ڪرڻ گھرجي. انساني حقن واري ڪميشن جي نمائندن جي وفد سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ امن امان، انساني حقن ۽ سماجي ترقي جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جو چوڻ ھو تھ دھشتگردن ۽ سندن نمائندا آوازن خلاف ڪارروائي رياست جو آئيني اختيار آھي، بلوچستان بابت تصور ۽ زميني حقيقتن ۾ فرق آھي، انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارن کي بلوچستان جي درست تاريخ ۽ زميني حقيقتن بابت مڪمل آگاھھ ٿيڻ ضروري آھي. ھن وفد تي واضح ڪيو تھ رياست مخالف عنصر انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهن، سڃاڻپ جي بنيادن تي معصومن جو قتل فتنھ الھندوستان جي مڪروھھ عزم کي ظاھر ڪري ٿو. سرفراز بگٽي وفد کي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جون ڪارروايون حقن لاءِ نه پر پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ آهن. دهشتگرد تنظيمن جا سرابراھھ پنهنجا ارادا عالمي ميڊيا اڳيان واضح ڪري ڇڏيو آهن. سڃاڻپ جي بنياد تي ھٿين خالي مسافرن جو قتل ڪهڙي انساني حق جي جنگ آهي؟ بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين، انهن جو واحد مقصد پاڪستان کي ڪيڪ وانگر ڪٽڻ آهي، رياست هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميوار آهي، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو صرف بلوچستان تائين محدود ناهي، ٻيا صوبا ۽ دنيا به ان کان متاثر ٿي رهي آهي. مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان جامع قانون سازي ڪئي وئي آهي. پاڪستان جو آئين هر شهري جي تحفظ کي بنيادي حق قرار ڏئي ٿو.بلوچستان جي گهرو کاتي پهرين جنوري کان 30 جون تائين صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن جا انگ اکر جاري ڪيا آهن.بلوچستان جي گهرو کاتي جي پهرين جنوري کان 30 جون تائين جي ڇهن مهينن جي انگن اکرن موجب، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته آبادگارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال جي پهرين 6 مهينن دوران بلوچستان ۾ 501 دهشتگردي جي واقعن ۾ 133 اهلڪارن سميت 257 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 238 اهلڪارن سميت 492 ماڻهو زخمي ٿيا.رپورٽ موجب، هن سال غير مقامي ماڻهن تي 14 حملا ٿيا جن ۾ 52 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 11 زخمي ٿيا. بم، گرنيڊ، آءِ اي ڊي، بارودي سرنگن جي ڌماڪن ۽ راڪيٽ فائر جا ڪل 81 واقعا ٿيا جن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا ۽ 112 ماڻهو زخمي ٿيا.گذريل ڇهن مهينن ۾، عام ماڻهن تي 39 حملن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ 29 زخمي ٿيا، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران ٽرينن تي ٻن حملن ۾ 29 ماڻهو مارجي ويا.ان کان علاوه، پوليو ورڪ تي حملي ۾ هڪ مزدور مارجي ويو، جڏهن ته موبائل فون ٽاور تي نو حملن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.
