اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ وٺڻ يا آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بنجڻ جي خواهش بابت سمورين افواهن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ افواهن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چٽن لفظن ۾ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڪڏهن به صدر بنجڻ جي خواهش ظاهر ناهي ڪئي نه ئي اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ آهي. هن زور ڏيندي چيو ته صدر آصف علي زرداري، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ مان پاڻ، ٽنهي جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي جي گڏيل ارادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريندي چيو ته ميڊيا جي ڪجهه حلقن ۾ صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي خوشحالي لاءِ جامع سڌارن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين لاءِ پرعزم آهي، حڪومت سنڀالڻ وقت پاڪستان کي ڏيوالي ٿيڻ جو سنجيده خطرو درپيش هو، معيشت خراب حالت ۾ هئي، متحد ٿي ڪم ڪرڻ لاڀائتو ثابت ٿيو، پاليسي جي شرح 11 سيڪڙو کان گهٽ سطح تي اچي وئي آهي، اُڏار پاڪستان پروگرام شروع ٿي چڪو آهي، موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي 2022ع ۾ وڏو نقصان پهتو، مئي ۾ پاڪستان کي پهلگام واقعي جي پس منظر ۾ هندستان جي اوچتي جارحيت کي مُنهن ڏيڻو پيو، پاڪ فوج ڀرپُور جواب ڏنو ۽ پاڪستان جنگ کٽي ورتي. پاڪستاني شاگردن جي هڪ گروپ جيڪي دنيا جي وڏن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت جي انٽرنشپ سمر اسڪالرز پروگرام “اُڏار پاڪستان” لاءِ چونڊيل آهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن انهن 2023ع ۾ حڪومت سنڀالي ته پاڪستان کي ڏيوالي ٿيڻ جو سنجيده خطرو درپيش هو ۽ هڪ غيريقيني واري صورتحال هُئي. وزيراعظم چيو ته اڪثريت جو خيال هو ته پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو جڏهن ته ٿورن ماڻهن جو خيال هو ته اسان هن آفت کان بچي وينداسين، هن وڌيڪ چيو ته هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ميراٿن بحث مباحثا ڪيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ آءِ ايم ايف پروگرام حاصل ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان وقت معيشت خراب حالت ۾ هئي، تيزيءَ سان وڌندڙ ناڻي واڌ 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هُئي، جڏهن ته پاليسي ريٽ جي شرح 22.5 سيڪڙو تي پهچي وئي هئي. ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول بي يقيني جو شڪار هو. ۽ اسان کي ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ سچي دل سان ڪم ڪرڻ جو وڏو بار ۽ ذميواري هُئي. ۽ متحد ٿي ڪم ڪرڻ لاڀائتو ثابت ٿيو ۽ هاڻي پاليسي جي شرح 11 سيڪڙو کان گهٽ سطح تي اچي وئي آهي ۽ اُڏار پاڪستان پروگرام پُڻ شروع ٿي چڪو آهي. جڏهن ته شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ياد ڏياريو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان سندس حڪومت صوبي جي پٺتي پيل علائقن ۾ محروم ۽ غريب شاگردن جي سهولت لاءِ ميرٽ تي اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا هئا. جڏهن ته هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري، پاڪستان کي 2022ع جي ٻوڏ دوران تمام گهڻو نقصان پهتو، معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو، ان حقيقت جي باوجود ته پاڪستان جو گرين هائوس جي اثرن ۾ عالمي سطح تي حصو هڪ سيڪڙو به نه هو. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مئي جي مهيني ۾ پاڪستان کي پهلگام واقعي جي پس منظر ۾ هندستان جي اوچتي جارحيت کي مُنهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته هن ڀارت کي هڪ سڌي آڇ ڪئي هئي ته هن معاملي جي عالمي ادارن پاران جاچ ڪئي وڃي، پر ڀارت ڪڏهن به هن تجويز تي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ 55 پاڪستاني شهيد ٿيا ۽ انهن پنهنجي دفاع ۾ ڇهه ڀارتي جهاز ڪيرائي جواب ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته 9 ۽ 10 مئي تي ڀارت جي حملي کان پوءِ پاڪستان پوري طاقت سان جواب ڏنو ۽ دشمن کي سبق سيکاريو. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيورانه صلاحيتن ۽ همت جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان روايتي جنگ کٽي ورتي. هن چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صرف پرامن مقصدن ۽ پنهنجي دفاع لاءِ آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته شاگرد اُڏار پاڪستان پروگرام مان لاڀ پرائيندا ۽ هِن سندن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
