اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل ان جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي ۽ اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي. هو ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مشڪل حالتن مان گذري چڪو آهي پر قوم هميشه همت ۽ اتحاد سان چئلينجز جو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ سوچڻو آهي، دهشتگرديءَ خلاف سڀني کي گڏجي وڙهڻو آهي ۽ ان ملڪ کي ان لعنت کان هميشه لاءِ نجات ڏيارڻي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فلاح بهبود لاءِ پُرعزم آهن جڏهن ته ان جدوجهد ۾ معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي نوجوان آباديءَ جي شرح وڌيڪ آهي، ان لاءِ ٻارن کي تعليم، صحت ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ رياست جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته چائلڊ ليبر ملڪ جو هڪ وڏو سماجي مسئلو آهي جنهن جي خاتمي لاءِ صرف حڪومتي قدم ڪافي ناهن پر معاشري کي به اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻجي ضرورت آهي جيئن اسان پنهنجي ٻارن کي هڪ محفوظ، روشن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان ڏئي سگهون. تقريب ۾ ٻارن جي حقن بابت سرڪاري ۽ نجي ادارن جي نمائندن، استادن، شاگردن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
DailyWaka Sindhi News Papers