ملتان( مانيٽرنگ ڊيسڪ) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملتان 5 هزار سال قديم شهر آهي جتي ڀائيچاري، امن ۽ انسانيت جي خدمت جون روايتون اڄ به قائم آهن. هن ٻڌايو ته مشنري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس سمورا استاد مسيحي برادري سان تعلق رکندا هئا جيڪو هن شهر جي بين المذاهب هم آهنگي جو ثبوت آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هڪ وقت هو جڏهن عورتن کي تصوير وارو سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي به اجازت نه هئي پر بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام لکين عورتن کي سڃاڻپ، مالي تحفظ ۽ بااختيار بڻايو، اڄ اهي عورتون پنهنجي خاندانن جي ڪفالت ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن بابت سوسائٽي جي وهيل چيئر ورهائڻ واري تقريب ۾ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني گڏيل قومن جا ٿورا مڃيندي چيو ته زلزلن ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن ۾ عالمي ادارن سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي. وقتي صدر چيو ته انسانيت جو اصل پيغام اهو آهي ته توهان ان جي لاءِ ڪم ڪريو جيڪو توهان کي بدلي ۾ ڪجهه نه ڏئي سگهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي تقرير دوران شرڪت ڪندڙن ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي جو مطالبو ڪيو جنهن تي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هو پهريون اڳواڻ آهي جنهن پنجاب اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان جدا صوبي جي قرارداد منظور ڪرائي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب کي نالي جو صوبو نه پر جدا اسيمبلي، جدا وڏو وزير، جدا گورنر، جدا بجيٽ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۽ سينيٽ نمائندگي ۾ مڪمل حصو ڏيڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته سندس حڪومت جي دور ۾ ڏکڻ پنجاب جي لاءِ 34 سيڪڙو (پي ايس ڊي پي) بجيٽ رکي وئي جنهن تحت يونيورسٽيون، ڪاليجز، پُلُيُون، باءِ پاس ۽ ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيا. هن چيو ته 99 سيڪڙو ماڻهو وٽس روزگار جي لاءِ ايندا آهن ۽ روزگار جو مستقل حل رڳو نئين صوبي جو قيام آهي. تقريب دوران سيد يوسف رضا گيلاني سوسائٽي فار اسپيشل پرسنز (ايس ايس پي) جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ايس ايس پي جو ڪسٽمائزڊ وهيل چيئر پروگرام معذور ماڻهن جي لاءِ زندگي بدلائي ڇڏيندڙ منصوبو آهي، جنهن تحت ضرورت موجب خصوصي وهيل چيئرز، هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. ادارو هيستائين 8 هزار وهيل چيئرز ورهائي چڪو آهي جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪمپيوٽر، سلائي ۽ ٻيا هنر سکي پاڻڀرا ٿي چڪا آهن. 300 ماڻهو وهيل چيئر ٺاهڻ ۽ مرمت ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ معذور ماڻهن کي وهيل چيئرز، خوراڪ ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم ڪيو ويو جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جي عورتن بامعذوري کي هنرمندي ۽ ڪاروباري تربيت ڏئي معاشي طور تي بااختيار بڻايو پيو وڃي. وقتي صدر ملڪي ۽ غيرملڪي ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن ئي ڪوششن جي ڪري ملتان ۾ اهو پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ معذور ماڻهن کي نئين زندگي ڏئي رهيو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي سيد يوسف رضا گيلاني اسپيشل پرسنز ۾ وهيل چيئر پڻ ورهايون.
DailyWaka Sindhi News Papers