بريڪنگ نيوز

وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس ۽ 3 ججن حلف کڻي ورتو، جسٽس مسرت هلالي جي جج بڻجڻ کان انڪار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جسٽس امين الدين خان آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو.صدر آصف علي زرداري، جسٽس امين الدين کان عهدي جو حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، فيلڊ مارشل عاصم منير سميت پاڪ بحريا ۽ فضائيا جا سربراهه به شريڪ ٿيا.هوڏانهن پاڪستان جي پهرين وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن به حلف کڻي ورتو، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ٽنهي ججن کان حلف ورتو.وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن جي حلف برداري تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ ٿي، جنهن ۾ وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس امين الدين خان پنهنجي عدالت جي ٽن ججن جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي کان حلف ورتو.ان کان اڳ قانون واري وزارت وفاقي آئيني عدالت جي ججن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.نوٽيفڪيشن موجب وفاقي آئيني عدالت جا 6 جج هوندا، جن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه شامل آهن. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مصرت هلالي وفاقي آئيني عدالت جي جج بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ذريعن مطابق جسٽس مسرت هلالي صحت جي مسئلن سبب معزرت ڪئي آهي وفاقي آئيني عدالت لاءِ جسٽس مسرت هلالي جو نالو غور هيٺ آيو هن آئيني عدالت جي جج طور وفاقي آئيني عدالت نه وڃڻ جو اظهار ڪيو ذريعن مطابق جسٽس مسرت هلالي جي بينچ ڪجهه ڏينهن اڳ صحت خراب هئڻ سبب ڊي لسٽ ٿي وئي هئي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس امين الدين خان پنهنجو پهريون فيصلو ڪندي وفاقي آئيني عدالت جو رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد حفيظ کي رجسٽرار لڳايو آهي.ذريعن موجب جسٽس امين الدين خان، مظهر ڀٽي کي سيڪريٽري ٽو چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت مقرر ڪيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ ۾ پاڪستان آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے