بريڪنگ نيوز

ملڪ ۾ يوم سياه منائڻ جو اعلان، ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ عدالتن تي حملو آهن: اپوزيشن اتحاد

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ 27هين ۽ 26هين آئيني ترميم کي غير آئيني قرار ڏئي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ جمعي تي ملڪ ۾ يوم سياه منائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اعلان موجب، ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ عدالتن تي حملو آهن،عدالتن کي انتظاميا جي ماتحت آڻڻ جي ڪوشش ناقابل قبول آهي ۽ اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفن تي ساراهيو ويو، ۽ آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، گڏوگڏ غير آئيني ترميمن خلاف جهموري مزاحمت جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو آهي. اپوزيشن اتحاد چيو آهي ته خيبرپختونخوا امن جرگي جي اعلان جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ 27هين ترميم خلاف قرارداد پيش ڪئي ويندي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پنجاب اسيمبلي کان لاھور هاءِ ڪورٽ تائين مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته وڪيلن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڏني وئي آهي. ايندڙ جمعي تي ملڪ ۾ يوم سياه منائڻ جو پروگرام پڻ آهي. اعلان ۾ عمران خان، بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ قيادت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي فوري رهائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اراکين اسيمبلي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو به قومي اسيمبلي کان سپريم ڪورٽ تائين واک ۾ حصو وٺن. پشتون خواه ميپ جي سربراهه ۽ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ت هن  پارليامينٽ جي مضبوطي،آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ ترميم آڻيو،اسان غيرمشروط حمايت ڪنداسين،جڏهن توهان آئين تي حملا آور ٿيندا،75 سالن جي اسان جي قربانين کي طوفانن جي حوالي ڪندا ته اسان توهان جو هٿ پڪڙينداسين،تحريڪ تحفظ پاڪستان توهان جي مقابلي ۾ بيهندي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته گلگت کان ڪراچي تائين سمورين شاهراهن تي اسان حبيب جالب جا گيت هلائينداسين،توهان کي ڪنن ۾ ڪپهه هڻڻي پوندي،اسان ماڻهن جا ضمير جاڳائينداسين،هن چيو ته توهان کي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جو خوف آهي ته پڪ ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هوندي،هن ملڪ جي سموري گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي هتي ئي ٺهندي،مادري زبانن کي احترام ڏنو ويندو،قومن کي پنهنجي وسيلن تي اختيار هوندو پ پ ن ليگ،ايم ڪيو ايم سڀ پارٽيون اسان کان لکرائي وٺن،هن چيو ته پاڪستان بچائڻ جو رستو مون وٽ آهي،اچو توبهه ڪريون،مان توبهه ڪريان ٿو،مان اها به خاطري ڪرايان ٿو ته عمران خان ڪنهن کي جيل ۾ نه وجهندو،ٽيون رستو پوءِ دمادم مست قلندر جو آهي،اسان هر گهٽي هر چوڪ ۾ حبيب جالب جو نظم ٻڌائينداسين،اڄ شريف الدين پيرزادي جي روح خوش هوندي،اچو پاڪستان کي جمهوري بڻايون،ايم ڊبليو ايم جي علامه راجا ناصر عباس چيو ته توهان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين کي طاقتور ڇو نٿا بڻايو؟هتي آرمي چيف کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ويو آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے