بريڪنگ نيوز

جنگ جي ميدان جيان معاشي ميدان ۾ به ڪاميابيون ماڻينداسين: شهباز شريف

باغ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي فتوحات جو دائرو معاشي ميدان تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڀارتي فوج گوڏن ڀر اچي وئي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جو حق ملڻ تائين پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، دانش اسڪولز مان فارغ ٿيندڙ عام خاندانن جا شاگردن ۽ شاگردياڻيون به انجنيئرز، ڊاڪٽرز بڻجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي باغ ضلعي جي علائقي هاڙي گهل ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کانسواءِ معززين ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته باغ ۾ باغ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکندي انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، هي اها دانشگاهه آهي جنهن جو سفر اسان پنجاب کان شروع ڪيو هو، اڄ پوري پاڪستان ۾ اهي دانشگاهون ڏينهن رات تعمير ۽ ترقي جي ذريعي وڌي ويجهي رهيون آهن، ڀمڀر ۾ دانش اسڪول جو 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته تعليم کاتي کي باغ جي دانش اسڪول کي 23 مارچ 2026ع تي افتتاح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، دانش اسڪول جو دائرو واديءَ نيلم تائين ڦهلايو ويندو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فارورڊ ڪهوٽه ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس خواهش تي فارورڊ ڪهوٽا جي لاءِ تحفي طور دانش اسڪول جو اعلان ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول پاڪستان جي ناليواري تعليمي ادارن جي برابر آهن، دانش اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار بهترين تعليمي سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن، ميرٽ تي مفت ۽ بهترين تعليم ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن جو جيڪو خواب ڏٺو هو ان جي تڪميل جو وقت اچي ويو آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے