بريڪنگ نيوز

قوم عمران خان جي آزادي، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ نڪري چڪي آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سڏ تي پي ٽي آءِ جي سرپرست اعليٰ عمران خان جي آزادي لاءِ صوبي  جي مخلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ انصاف هائوس مان ريلي نڪتي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي حيدر چوڪ تي پهتي جتي جلسي جي صورت اۡختيار ڪري ويئي.ريلي ۾ پي ٽي آءِ حيدرآباد ڊويزن جي صدر ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايم پي اي ريحان راجپوت، محسن گھمن، مستنصر حسين بلا ، ممتاز نيازي، دانيال مگسي، اسامه حفيظ، ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ بينر کنيا هئا، جن تي عمران خان جي آزادي ۽ انهن تي داخل ڪيل ڪوڙن مقدمن جي خاتمي جا مطالبا لکيل هئا. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد، جمال صديقي، امجد جاه ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ گرومندر کان جناح ٽائون تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. حليم عادل شيخ حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ شهرين ۾ عمران خان جي آزادي بابت پمفليٽ به ورهايا. ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته ملڪ ۾ موجوده حالتن تحت آئين ۽ قانون جي بالادستي ختم ٿي چڪي آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدليا کي غلام بڻايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڪيسن ۾ انصاف جا تقاضا پورا نه پيا ٿين. هن چيو ته پوري قوم عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري رهي آهي. پنج آگسٽ تي عمران خان جي ناحق قيد جا ٻه سال مڪمل ٿي ويندا. هو بيگناهي جي حالت ۾  هن ملڪ ۽ قوم جي حقيقي آزاد لاءِ ٻه سال کان قيد تنهائي ڪاٽي رهيو آهي. عمران خان کي ذهن طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ سندس زال بشريٰ بي بي کي به ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، محمود الرشيد، حسان نيازي سميت هزارين اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ قيد آهن، جن کي عدالتن مان انصاف نه پيو ملي. حليم عادل شيخ چيو ته جيڪڏهن عدليا آزاد هجي ها ته ايتري بي انصافي نه ٿئي ها. القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ڏني وئي، جڏهن ته ان جا اصل فائدي وٺندڙ نواز شريف ۽ زرداري خاندان آهن. عمران خان اسلامي تعليمات جي واڌاري لاءِ القادر يونيورسٽي قائم ڪئي، جنهن جي سزا طور کيس قيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پوري قوم هاڻي جاڳي چڪي آهي ۽ پنج آگسٽ تي ملڪ ڀر ۾ عوام هڪ آواز ٿي روڊن تي نڪري ايندي. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر چيو ته پارٽي پنهنجي هلندڙ تحريڪ کي آخري مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج، ريليون ۽ بک هڙتالون جاري آهن. اسان عمران خان جي آزادي لاءِ آخري حد تائين وينداسين، ڇاڪاڻ ته عمران خان قوم جي حقن لاءِ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته عمران خان هن قوم جو حقيقي ليڊر آهي، ۽ جيئن عام چونڊن دوران عوام پنهنجو فيصلو ڏنو، اهڙيءَ طرح هاڻ به عوام روڊن تي نڪري پنهنجو فيصلو ڏيندي. عادل شيخ وڪيل برادري کي اپيل ڪئي ته هو آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه هوندو ته پوءِ انصاف به ختم ٿي ويندو. جڏهن قوم پنهنجن گهرن مان نڪري ايندي ته عمران خان ضرور آزاد ٿيندو. آخر ۾ حليم عادل شيخ چيو ته عوامي طاقت ذريعي ئي عمران خان جي آزادي ممڪن آهي، عدليا آزاد ٿيندي، ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ عوام سان گڏجي 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا جهڙي ڪاري قانون ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جاري رکندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير پاران پوليس آفيسرن کي ترقي ملڻ تي رينڪ لڳائڻ جي پروقار تقريب

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے