اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معاشي تبديلي پاڪستان لاءِ هڪ فوري ۽ سنگين معاشي حقيقت بڻجي چڪي آهي، حڪومت پائيدار مالياتي ڍانچي جي مضبوطي، گرين ٽيڪسنومي ماحول دوست سيڙپڪاري تي ٻڌل ٽيڪس نظام کي موثر طور لاڳو ڪرڻ ۽ ماحوليات جي حوالي سان معاشي خطرن ۽ موقعن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ واري اداري جي واڌ ويجهه لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن ناڻي واري وزارت ۾ آءِ ايف اي سي جي صدر زان بوڪو جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد ۾ ڏکڻ ايشين فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس (ايس اي ايف اي) جي صدر اشفاق يوسف توله ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جو صدر غلام مصطفيٰ قاضي به شامل هو. ملاقات ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقبول احمد گوندل، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان عاڪف سعيد ۽ ناڻي واري وزارت جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. هن ايس ايم ايز کي پنهنجي مالياتي رپورٽنگ کي رسمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ڊجيٽل اثاثن ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي حوالي سان پاڪستان جي فعال ريگيوليٽري اڳڀرائي جو به ذڪر ڪيو، جتي شفاف، منظم ۽ قانون موجب جدت کي باضابطا معيشت جو حصو بڻائڻ لاءِ نئين اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪري رهيا آهن وفاقي وزير مهمان جي آجيان ڪندي عالمي سطح تي اڪائونٽنگ پيش کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي معيارن جهڙن ۽ مالياتي رپورٽنگ ۾ شفافيت ۽ اعتماد وڌائڻ ۾ آءِ ايف اي سي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي پائيداري ايجنڊا، موسمياتي مالي مدد ۽ گرين اڪانامي جا قدم اهي نقطا آهن جن تي آءِ ايف اي سي جي صدر ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان جي موسمياتي آفتن سبب شديد متاثر ٿيڻ جي حقيقت جو ذڪر ڪندي چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ جي تباهڪارين سان اوسر واري شرح گهٽ ۾ گهٽ اڌ سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي. ان روشني ۾ هن گرين فنانسنگ قدمن، قومي گرين ٽيڪسنومي لاڳو ڪرڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ ذريعي پائيداري فريم ورڪ جاري ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. هن چيو ته ايس ايم ايز کي جديد ستاويزي ۽ رپورٽنگ نظام اختيار ڪرڻ ۾ معاونت نهايت ضروري آهي، خاص ڪري صنعتي ۽ روانگي واپاري مرڪزن ۾ جتي آگاهي ۽ فني سگهه جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن چيو ته مربوط اداره جاتي تعاون ان جي هموار منتقلي لاءِ اڻٽر هوندو. وفاقي وزير اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ريگيوليشن جي حوالي سان پاڪستان جي اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن چيو ته عالمي ورچوئل اثاثه مارڪيٽن ۾ پاڪستانين جي وڌندڙ شرڪت کي نظر ۾ رکندي حڪومت فعال انداز ۾ پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪرپٽو ڪائونسل قائم ڪئي آهي، جيڪي لائيسنگ ڪي واءِ سي ۽ اينٽي مني لانڊرنگ تي ٻڌل شفاف ۽ منظم نظام ذريعي جدت کي رسمي معيشت ۾ ضم ڪندا. زان بوڪو، ناڻي واري وزير کي آءِ ايف اي سي جي مشن کان آگاهه جيڪو جيڪو 143 ملڪن جي 188 ميمبر تنظيمن تي ٻڌل عالمي اڪائونٽنگ ڪميونٽي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن پائيدار معيار، آڊت جي معيار، اخلاقيات، پيشي تي اي آءِ جا اثر، ننڍن ۽ وچولي درجي جي پريڪٽيشنرز جي سگهه وڌائڻ ۽ سرڪاري شعبي ۾ اڪائونٽنگ سڌارن جهڙن موضوعن تي آءِ ايف اي سي جون ترجيحون بيان ڪيون. هن غير مالياتي آڊٽ ۽ خاطري جي وڌندڙ عالمي گهرجن جو به ذڪر ڪيو. آڊيٽر جنرل مقبول احمد گوندل وفد کي پاڪستان ۾ ڪيش سان اڪروئل بيسڊ آءِ پي ايس اي ايس معيارن ۾ منتقلي جي عمل تي بريفنگ ڏني، جيڪو نئين اي آر پي نظام ۽ ڊجيٽل سڌارن تحت موجوده مالي سال ۾ اينڊ ٽو اينڊ اليڪٽرانڪ ادائگيون ۽ وصولين جو هدف رکي ٿو. هن چيو ته اهي قدم پاڪستان جي سرڪاري مالياتي شفافيت ۽ عالمي اعتماد م نمايان واڌ ڪندا. ايس اي سي پي جي چيئرمين عاڪف سعيد شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي آءِ او ايس سي او سميت عالمي ادارن سان ريگيوليٽري هم آهنگي، بيمه، پينشن ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ سڌارا، آءِ ايف آر ايس کي مڪمل لاڳو ڪرڻ ۽ فهرست ٿيل غير فهرست ڪمپنين جي پائيداري انڪشاف مرحليوار لاڳو ڪرڻ کان آگاهه ڪيو. هن اي ايس جي ۽ ڪارپوريٽ رپورٽنگ جي استحڪام ۾ آءِ سي اي پي ۽ آءِ سي ايم اي پي جي تعاون کي ساراهيو.
DailyWaka Sindhi News Papers