نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾زبون حال قرار ڏنل 6 ماڙ عمارت اوچتو ڪري تباهه

ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾زبون حال قرار ڏنل 6 ماڙ عمارت اوچتو ڪري تباهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ زبون حال قرار ڏنل 6 ماڙ عمارت اوچتو ڪري تباهه ٿي وئي آهي. رنڇوڙ واري علائقي ۾ 6 ماڙ مارت ڊگهي پٽي پئجي وئي. سومرا پاڙي ۾ 6 ماڙ عمارت هڪ پاسي جهُڪي وئي هئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت کي زبون حال قرار ڏئي رهائشين کان گهر خالي ڪرايا ويا هئا، هن عمارت ۾ 19 فليٽ هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته زبون حال قرار ڏيڻ بعد بلڊنگ ۾ بجلي ۽ گئس جا ڪنيڪشن به ڪاٽيا ويا هئا. عمارت جي اوچتو ڪري تباهه ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پهچي ويا، جِن ڀرپاسي جي گهٽين ۽ رستن کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بلڊنگ جي پاسي وڃڻ کان روڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، جڏهن ته ماڻهن جي ملڪيتن ۽ سامان کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي جي ڪمشنر ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے