بريڪنگ نيوز

سينيٽ ۾ پاڪستان آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو. سينيٽ اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ طارق فضل چوڌري بل پيش ڪيا. ايوان، پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئرفورس ايڪٽ، پاڪستان نيوي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتا. سينيٽ مان بلن جي منظوري جي موقعي تي پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي. همايون مهمند ۽ ڪامران مرتضيٰ بل جي مخالفت ڪندي بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته سينيٽ چيئرمين بلن جي منظوري لاءِ ايوان مان راءِ ورتي جنهن کانپوءِ ايوان بلن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ايوان 27 هين آئيني ترميم منظور ڪئي ۽ انهي ڪري ايڪٽس ۾ ترميم جي ضرورت هئي، آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے