بريڪنگ نيوز

سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جا استعيفا قبول

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر مملکت آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جا استعيفا منظور ڪري ڇڏيا آهن. ٻنهي ججن گذريل ڏينهن پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏنيو هيون. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي 13 صفحن واري استعيفي ۾ چيو هو ته 27هين آئيني ترميم پاڪستان جي آئين تي سنگين حملو آهي، جنهن سپريم ڪورٽ کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مون ايمانداري، ديانت ۽ فرض شناسي سان اداري جي خدمت ڪئي، منهنجو ضمير مطمئن آهي ۽ ڪوبه پڇتاءُ ناهي. جسٽس اطهر من الله چيو هو ته 27هين ترميم کان اڳ ئي مون (Chief Justice) کي خط لکي ٻڌايو هو ته تجويز ڪيل شقون آئين تي ڪهڙو اثر ڇڏينديون. هن لکيو ته "جج جو لباس آخري ڀيرو لاٿيندي، آئون سپريم ڪورٽ جي منصب تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، جيڪو فورا لاڳو ٿيندو”.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے