بريڪنگ نيوز

پاڪستان ۽ ڪشمير کي دنيا جي ڪابه طاقت الڳ نه ٿي ڪري سگهجي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

مظفر آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر  ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف مظفر آباد جو دورو ڪيو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي سول سوسائٽي سان ملاقات ڪئي آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ سول سوسائٽي وچ ۾ سوال ۽ جواب جي گڏيل ويهڪ جو انتظام ڪيو ويو.سول سوسائٽي جو چوڻ آهي ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ هو، آهي ۽ هميشه رهندو،  پاڪستان ۽ ڪشمير کي دنيا جي ڪابه طاقت الڳ نه ٿي ڪري سگهجي.ڪشميري عوام پاڪ فوج سان محبت جو اظهار ڪندي ڊي جي آءِ ايس آر کي ڪشمير ثقافتي لباس پيش ڪيو،  ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي.شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا ڦڙڪائي پاڪستان سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.ڪشميري سول سوسائٽي نعرا هنيا ته عوام سڀاڻي به پاڪستان سان گڏ هو ۽ هميشه پاڪستان سان گڏ رهندو، ڪشمير بڻجندو پاڪستان.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي عوام جو ساٿ کپي، بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين: فضل الرحمان

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے