پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پٽن جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ باني جا پٽ جيڪڌهن پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻندا ته گرفتاري ٿيندي.هن چيو ته پاڪستاني شهرين تي برطانيه ۾ اتان جو قانون لاڳو ٿيندو آهي ته پاڪستان ۾ برطانوي شهرين تي هتان جو قانون لاڳو ٿيندو. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته احتجاج، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي، پرامن احتجاج ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ سڀني جو جمهوري حق آهي پر ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم پنجوتها نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو هو ته عمران خان جا ٻئي پٽ قاسم ۽ سليمان پنهنجي والد سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون به تحريڪ ۾ شامل ٿينديون پر تحريڪ جي اڳواڻي پي ٽي آءِ عهديدار ڪندا.
