بريڪنگ نيوز

مولانا ڪي پي ۾ تبديلي آڻڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر تبديلي آڻي ته بهتر هوندو: گنڊاپور

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ تبديلي آڻڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر تبديلي آڻي ته بهتر هوندو.لاهور رائيونڊ روڊ تي فارم هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان خطاب ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اڄ اسان مشاورت سان عملي قدم ذريعي اڳيان وڌنداسين، اڄ لاهور مان اسان تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون ۽ جڏهن به ڪا تحريڪ لاهور مان هلندي آهي ته اها پوري پاڪستان ۾ ڪامياب ٿيندي آهي.هن چيو ته اسان جو اڳواڻ بي گناهه جيل ۾ آهي، ڪوبه ڪيس نه آهي، هاڻ اسان جو لائحه عمل پاڪستان جي حالتن موجب هجڻ گهرجي، اسان 5 آگسٽ تائين انهي کي صحيح رستي تي کڻي وڃڻو آهي اهو سوچڻو پوندو ته اهو ڪيئن ڪرڻو آهي، پنجاب کي خيبرپختونخواهه سان ڀيٽ ڪنداسين ته اها زيادتي هوندي.هن چيو ته مون کي اطلاع ملي آهي ته ياسر گيلاني سميت سمورن ڪارڪنن کي پوليس ڇڏي ڏنو آهي. پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي معطل ڪرڻ لاقانونيت آهي، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته خيبرپختونخواهه مان انهن جي چيئرمينن کي فارغ ڪري ڇڏيندس.جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بابت علي امين جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جو هڪ ايم اين اي ۽ 2 ايم پي اي ميرٽ تي آهن ٻيا سڀ فارم 47 تي آهن، مولانا فضل الرحمان پاڻ جعلي مينڊيٽ تي آهي هاڻ اهو اسان جي خلاف ڳالهائي ٿو، عوام مولانا فضل الرحمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪي پي ڪي ۾ تبديلي آڻڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر تبديلي آڻي ته بهتر هوندو. مولانا فضل الرحمان ماڻهن کي گمنراهه ڪيو انهي لاءِ پنهنجي تڪ مان به نه کٽي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت جو انهي وقت ٿورو ادا ڪندس جڏهن مون کي لاهور ۾ آئيني حق موجب جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيندا جيڪڏهن جلسي جي اجازت ڏني وئي ته صرف ٿورو نه پر تحفا به ڏيندس.ياد رهي ته پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته منهنجي تجويز هوندي ته صوبي ۾ تبديلي اچي ۽ تبديلي اچي ته پاڪستان  تحريڪ انصاف جي اندر مان ئي اچي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف سي کي اختيار ملي ويو، فيڊرل فورس ۾ تبديليءَ جو آرڊيننس جاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے