بريڪنگ نيوز

سانوڻي جون هوائون سنڌ ۾ داخل، تيز ۽ هلڪي برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سانوڻي جي هوائن جو نئون سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ٺل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات جي وسڪاري کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. ٺل، ڳڙهي حسين، ميرپور، مباڪپور ۽ ڀرپاسي ج علائقن ۾ کنوڻ سان برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. گرمي جو زور ٽٽي ويو، برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  به هوا سان گڏ تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي. بجلي بند هجڻ سبب ڪاروباري توڙي عام ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. جوهي، ڀان سيد آباد، سميت جابلو علائقن سان گڏوگڏ اولهه، اتر ۽ اوڀرين علائقن ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب ڪجهه علائقن ۾ پاڻي پڻ بيهجي ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے