بريڪنگ نيوز

ڏينهن رات اها ڪوشش آهي ته پنجاب جو ڪوبه شهري بنا ڇت جي نه رهي: مريم نواز

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي ڇت پنهنجو گهر منصوبي جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته  جنهن ڏينهن هڪ غريب جي مٿي تي ڇت اچي ويندي، انهي ڏينهن رياست ڪامياب ٿي ويندي آهي، اسان جي ڏينهن رات ڪوشش آهي ته پنجاب جو ڪوبه شهري بنا ڇت جي نه رهي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ لاهور ۾ پنهنجي ڇت پنهنجو گهر منصوبي تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مريم نواز کي منصوبي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام مان 51 هزار 911 مستحق خاندانن کي قرضه فراهم ڪيو ويو آهي، انهي کان علاوه هنيئر تائين 60 ارب 50 ڪروڙ روپين جي رقم جي ورهاست ٿي چڪي آهي.وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته روايتي سياست جو دروازو بند ڪيو ۽ خدمت جو در کولي ڇڏيو آهي، پنهنجي ڇت پنهنجو گهر صرف سرن ۽ ڀتين جو منصوبو ناهي، مستحق ماڻهن جي لاءِ نئين زندگي جي شروعات آهي.مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ايتري وڏي پيماني تي غريب ۽ بي گهر خاندان جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، منهنجي ڏينهن رات ڪوشش آهي ته پنجاب جو ڪوبه شهري بنا ڇت جي نه رهي ياد رهي ته مئي 2025 ۾ مريم نواز پنهنجي زمين پنهنجو گهر اي پورٽل جو افتتاح ڪيو هو، اسڪيم جي تحت بي گهر ماڻهن جي لاءِ پنجاب ۾ هر روز 300 گهر ورهايا ويا هئا، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڊيجيتل بٽڻ دٻائي پنهنجي زمين پنهنجو گهر اي پورٽل جي شروعات ڪئي، جنهن جي تحت پنجاب جي 19 ضلعن ۾ 23 هائوسنگ اسڪيمن ۾ 2 هزار پلاٽ ڏنا ويندا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف سي کي اختيار ملي ويو، فيڊرل فورس ۾ تبديليءَ جو آرڊيننس جاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے