بريڪنگ نيوز

ايف سي کي اختيار ملي ويو، فيڊرل فورس ۾ تبديليءَ جو آرڊيننس جاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ملي ويولا اينڊ جسٽس ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي فيڊرل فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، صدر فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ري آرگنائيزيشن آرڊيننس 2025 جاري ڪري ڇڏيو آهي،جنهن تحت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي هاڻي فيڊرل ڪانسٽيبلري سڏيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري بابت نوان ظابطا تيار ڪيا ويندا ۽ هر ڊويزن ۾ هڪ ونگ ڪمانڊر مقرر ڪيو ويندو.سڄي ملڪ ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو دائرو وڌائڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي.ايف سي ايڪٽ 1915 ۾ ترميمن کانپوءِ هيءَ قانوني تبديلي آندي وئي آهي، جنهن تحت ايف سي کي چئني صوبن، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو.آرڊيننس موجب، آءِ جي ايف سي جي مقرري وفاقي حڪومت ڪندي، جڏهن ته ڊويزنل ونگ ڪمانڊر جو عهدو ڊي آءِ جي جي برابر هوندو. وفاقي حڪومت کي اختيار حاصل هوندو ته هو امن امان قائم رکڻ لاءِ وفاقي ريزرو فورس به ڀرتي ڪري سگهندي.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جون ذميواريون فسادن تي ضابطو آڻڻ، اندروني سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ هونديونفيڊرل ڪانسٽيبلري جي هڪ سيڪيورٽي ڊويزن ۽ ٻي فيڊرل ريزرو ڊويزن هوندي، ڀرتين لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ آفيسون قائم ڪيون وينديون، نئين سر جوڙ جڪ جي فريم ورڪ تحت فيڊرل ڪانسٽيبلري جي ڪمانڊ پوليس سروس آف پاڪستان جا آفيسر سنڀاليندا.ان ڏس ڪمانڊنٽ ايف سي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته ايف سي سڪيورٽي سان لاڳاپيل اهم خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن.پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ايف سي وفاقي حڪومت جي ماتحت رهي آهي ۽ هاڻ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ان جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ايف سي جي نئين تربيت بابت قدم کنيا ويا آهن، هاڻ ايف سي کي فيڊرل ڪانسٽيبلري سڏيو ويندو ۽ اها ٻين قانون اڳو ڪندڙ ادارن جيان ڪم ڪندي. امن امان جي بحالي لاءِ ايف سي جو خاص ڪردار هوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏينهن رات اها ڪوشش آهي ته پنجاب جو ڪوبه شهري بنا ڇت جي نه رهي: مريم نواز

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي ڇت پنهنجو گهر منصوبي جي رفتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے