ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد مشهور صحافي مظهر عباس ۽ لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ طاهر حسين خان ۽ ڪي يو جي جا ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. ملاقات دوران، صحافين جي وفد سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ کي ڪي يو جي جي پلاٽينم جوبلي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڪي يو جي جي ٽن ڏينهن واري پلاٽينم جوبلي تقريب خالق ڏنو هال، ڪراچي ۾ منعقد ڪئي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي يو جي جي وفد کي ڪي يو جي جي پلاٽينم جوبلي تقريب ۾ سنڌ سرڪار جي مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافت ۽ جمهوريت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سدائين آزاد صحافت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جمهوريت لاءِ صحافي برادري جون قربانيون تاريخي ۽ نھ وسارڻ جوڳيون آهن، سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ بھتري کي اوليت ڏئي ٿي. ملاقات جي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ وفد کي صحت، ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ جاري منصوبن بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سنڌ حڪومت جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن. ملاقات دوران صحافين جي وفد سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت جا قدم عوام کي رليف پهچائي رهيا آهن.
