مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ پي ٽي آئي جو ورڪرز ڪنوينشن ڊويزنل اڳواڻ سردار شيراز علي ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ ٿي گزريو جنھن ۾ پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تفصيل موجب پي ٽي آئي مرڪز پاران شروع ڪيل ورڪرز ڪنوينشن جي شروعات کانپوء صوبي سنڌ ۾ به اڳواڻن شروعات ڪري ڇڏي ان ڏس ۾ پي ٽي آئي سنڌ جو پھريون ورڪرز ڪنوينشن مٽياري ۾ ڊويزنل اڳواڻ سردار شيراز علي ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ ٿي گزريو جنھن ۾ پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڊويزن حيدرآباد جي صدر فيصل مغل محسن گھمڻ عمران قريشي سميت مرڪزي اڳواڻ نازش فاطمه ڀٽي سميت پي ٽي آئي مٽياري ضلع جي اڳواڻن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻن حليم عادل شيخ سردار شيراز علي ڏيٿو نازش فاطمه ۽ ٻين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ھن ڪنوينشن شروع جي مقصد صرف ھڪ ئي آھي ته ڪيتري عرصي کان بيگناھ قيد اسان قائد عمران خان کي جلد کان جلد سڀ ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.اھو ڪٿي جو قانون آھي ته ھڪ آزاد ملڪ جي وزيراعظم کي ڪوڙا ڪيس ٺاھي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ ان کي ضمانت حاصل ڪرڻ جو به حق حاصل نه آھي اسان جو ليڊر محب وطن ليڊر آھي جنھن ھميشه ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاء پنھنجو الڳ خواب ڏٺو ھو جيڪو ملڪ دشمن قوتن کي پسند نه ھو.انشاﷲ ھن تحريڪ جو آغاز مٽياري کان شروع ٿي ويو آھي ۽ قائد عمران خان جي آزادي تائين ھي سلسلو جاري رھندو اسان جا ورڪر اسان جي طاقت آھن اسان سڀ گڏجي ملڪ جي ڀلائي لاء فيصلا وٺنداسين.