ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سنيتا مارشل طرفان ننڍي عمر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ دوستيءَ کي ’نارمل‘ قرار ڏيڻ واري ڳالهه سوشل ميڊيا واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو آهي آهي. سنيتا مارشل تازو ندا ياسر جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ننڍپڻ ۾ ٻارن جي لاڳاپن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ماءُ پيءُ کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن جي دوستين بابت مڙسن کي اڳواٽ آگاهه ڪن ۽ سمجهائن. سندس چوڻ هو ته جيئن ڪجهه مرد گهٽ پڙهيل هوندا آهن ۽ فطري طور تي جذباتي به، تنهنڪري جيڪڏهن اوچتو اهڙي ڳالهه جو پتو پوي ته ڪاوڙ ڪري سگهن ٿا. تنهنڪري گهرن ۾ زالن کي گهرجي ته هو اهڙين ڳالهين لاءِ پنهنجن مڙسن کي ذهني طور تي تيار ڪن.اداڪارا جو چوڻ هو ته ننڍي عمر ۾ لاڳاپن جو قائم ٿيڻ فطري عمل آهي ۽ ان کي معمولي ڳالهه طور وٺڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته سندس ٻار اڃا ننڍڙا آهن ۽ انهن جا گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ نه آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن قسم جو اهڙو لاڳاپو هجي ته به هن کي ڪا ڄاڻ ناهي.سنيتا مارشل جو اِهو بيان سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪيئي واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته اهڙا خيال نه رڳو اسلامي راويتن جي ابتڙ آهن، پر پاڪستاني سماج ۾ اهڙن لاڳاپن کي عام ڪرڻ خطرناڪ آهي.
