اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان ملڪي دفاع ۽ سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، اسان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ هاڻي به ڪنهن جارحيت ڪئي ته انهي شدت سان جواب ڏينداسين، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اصولن ۽ قومي مفادن جي بنياد تي قائم آهي ۽ اسان ڪنهن به اندروني يا ٻاهرئين دٻاءُ کان هٽي ڪري قومي خودمختياري جو دفاع جاري رکنداسين، ايراني زائرين جي سعودي عرب مان وطن واپسي جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سخت جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو ۽ تازو ئي ان جو عملي مظاهرو هڪ وڏي دشمن جي خلاف ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيل جي جرئت نه آهي جو هو پاڪستان جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪري سگهي، پاڪستاني قوم متحد هئي، آهي ۽ سدائين رهندي. هن پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي قوم جي امانت قرار ڏيندي چيو ته اهو پروگرام پاڪستاني عوام بي شمار قربانين سان حاصل ڪيو آهي ۽ ان جي حفاظت هر قيمت تي ڪئي ويندي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پرڏيهي وزارت ۾ ترجمان مقرر ڪرڻ جي ريمارڪس جي حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ گريڊ 21 جي هڪ آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو پرڏيهي آفيس جي ايڊيشنل سيڪريٽري هجڻ سان گڏوگڏ وزارت جي سرڪاري ترجمان جا فرض پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اصولن ۽ قومي مفادن جي بنيادن تي قائم آهي ۽ اسان ڪنهن به اندروني يا ٻاهرئين دٻاءُ کان هٽي ڪري قومي خودمختياري جو دفاع جاري رکنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبرن جي ڀرمار آهي، سڀني کي گهرجي ته اهي ڪنهن به شيءَ کي ڦهلائڻ کان اڳ ان بابت تصديق ڪري وٺن، پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ عالمي سطح تي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ غلط معلومات تي چيو ته ڀارت سان تازي تڪرار دوران سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ جعلي وڊيوز جو سهارو ورتو ويو. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت سميت مختلف ادارا ان غلط معلومات جي روڪٿام جي لاءِ متحرڪ آهن. هن انڪشاف ڪيو ته گذريل ڏينهن خواجه آصف سان منسوب هڪ بيان سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جعلي وڊيو ڪلپ، مصنوعي ذهانت جي ذريعي تيار ڪري سوشل ميڊيا تي ڦهلائي وئي جيڪا مڪمل طور ڪوڙي هئي. ان موقعي تي هن خبردار ڪيو ته هي ٻارن جي راند نه آهي پر هاڻي اها هڪ سنجيده نوعيت جي هائبرڊ جنگ آهي. اسحاق ار چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون جاري هيون جنهن ۾ پاڪستان به هڪ ذميوار ثالث جي طور تي شامل رهيو، روم ۽ مسقط ۾ ڳالهيون ٿي رهيون هيون، 15 جون تي به ملاقات طئي هئي پر 13 جون تي اوچتو صورتحال خراب ڪئي وئي، ايراني پرڏيهي وزير ان ۾ پاڪستان کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۾ موجود پاڪستاني شاگردن ۽ زائرين جي تحفظ جي لاءِ حڪومت سرگرم عمل آهي. هن ٻڌايو ته 51 پاڪستاني شاگرد اڄ وطن واپس پهچي رهيا آهن، 500 زائرين جي واپسي جو عمل به جاري آهي، ايراني حاجين کي ويزا ڏئي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. هن سعودي عرب جي فيصلي جو به حوالو ڏنو ته اتي 20 هزار حاجين کي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڏس ۾ اتي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار سختي سان انهن خبرن جي ترديد ڪئي ته جيڪي ايران جي هڪ جنرل سان منسوب ڪيون ويون جن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ايران تي ائٽمي حملو ٿيو ته پاڪستان اسرائيل تي جوابي حملو ڪندو. هن چيو ته اهو رڳو ڪوڙ آهي. اهڙي طرح اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي پاڪستان جي حوالي سان گردش ڪندڙ وڊيو بابت هن واضح ڪيو ته اها 2011ع جي پراڻي وڊيو آهي جنهن کي تازي صورتحال ۾ غلط انداز سان پيش ڪيو پيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته اسان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو پر گڏ ئي هڪ ذميوار رياست هجڻ جو ثبوت پڻ ڏنو، پاڪستان نه رڳو پنهنجي دفاع جي لاءِ تيار آهي پر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو رهندو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيو ته ائٽمي پاڪستان دنيا جي اکين ۾ کٽڪي ٿو، اسان کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي.
