بريڪنگ نيوز

تازا-ترين

حيدرآباد ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي،حيدرآباد ۾ بهتر شهري انتظام لاءِ قدم کنيا ويا آهن: وڏو وزير

حيدرآباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد ۾ بهتر شهري انتظام لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ آٽو ڀان روڊ تي اٺ ماڙ غير قانوني عمارتن خلاف ڪارروائي به شامل آهي. هن واضح ڪيو ته انهن عمارتن جي منظوري موجوده حڪومت …

تفصيل »

انصاف ڪنهن هڪ اداري جي زميداري ناهي انسانيت جو گڏيل فرض آهي : چيف جسٽس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيه آفريدي چيو آهي ته انصاف ڪنهن هڪ فرد يا اداري جي زميداري ناهي پر انصاف انسانيت جو اجتماعي فرض آهي انصاف جي عالمي ڏيهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن عدل مساوات ۽ قانون جي حڪمراني جي عزم جي تجديد …

تفصيل »

سنڌ حڪومت جشن آزادي ۽ “معرڪھ حق” جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائيندي

ڪراچي مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 14 آگسٽ تي "معرڪھ حق” ۽ آزادي جي ڏينهن جي سلسلي ۾ پوري سنڌ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ حڪومت پاران 14 آگسٽ تي سنڌ صوبي ۾ آزادي جي ڏينهن جي تقريب کي شاندار، منفرد ۽ يادگار بڻائڻ …

تفصيل »

عمارتن کي خالي ڪرڻ ۾ اسان کي ڪجهه مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي سميت صوبي ۾ غير محفوظ قرار ڏنل 740 عمارتن جو ٻيهر سروي ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جنهن ۾ حڪومت کان علاوه ڪجهه خانگي ادارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. شروعاتي …

تفصيل »

اسرائيل جو فلسطيني پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ لاءِ چرچ تي به حملو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

غزا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزه جي واحد ڪيٿولڪ چرچ تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پادري فادر گيبريل رومانيلي سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا. والاريل بيت المقدس ۾ لاطيني آرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج …

تفصيل »

هر وزارت جي 2 مهينن کان پوءِ ڪارڪردگي جانچ ڪنداسين، سٺا نتيجا نه ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هر وزارت جو 2 مهينن کان پوءِ جائزو وٺي انهن جي ڪارڪردگي ڏسنداسين، ڪنهن وزارت جي ڪارڪردگي خراب ٿي ته انهي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سٺن نتيجن جي …

تفصيل »

قلات ۾ مسافر بس تي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

قلات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي نيمرغ ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون اتي …

تفصيل »

ترقي هر سرڪاري ملازم جو بنيادي حق قرار سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ترقي جي اهل آفيسر کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به پروموشن ڏئي سگهجي ٿو. اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو کي 22هين گريڊ ۾ ترقي نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ جسٽس محمد علي مظهر 5 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪري …

تفصيل »

عمران خان ۽ غلام سرور گڏجي پي آءِ اي کي قبرستان بنائي ڇڏيو هو: خواجه آصف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي ڪابينه جي وزير غلام سرور پي آءِ اي کي قبرستان بنائي ڇڏيو هو، انهن رياست جي خلاف ڏوهه ڪيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دفاع واري …

تفصيل »

پنجاب۾24 ڪلاڪن دوران تيز برسات هن وقت تائين 77 شهري فوت ۽ 214 زخمي ٿيا آهن: پي ڊي ايم اي

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي پي ڊي ايم اي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن سبب نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن دوران پيش آيل مختلف حادثن سبب 77 شهري فوت جڏهن ته 214 زخمي ٿيا. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب سانوڻي …

تفصيل »