بريڪنگ نيوز

سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڪيل ۽ جج ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهين، ، پاڻ کي شرم ٿئي ٿو: جسٽس ڪياني

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڪيل ۽ جج ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهين، دل چوي ٿي عدالت تي ئي ڏنڊ هڻان، پاڻ کي شرم ٿئي ٿو. ڪمپني رجسٽر ڪرڻ لاءِ ايس اي سي پي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جڏهن درخواستگزار جي وڪيل طرفان التوا جي استدعا پيش ڪئي وئي ته جسٽس محسن اختر ڪياني ڪاڙوجي پيو. هن چيو ته افسوس ٿئي ٿو جڏهن ڪو وڪيل اچي تاريخ گهرندو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي وڪيل ۽ جج ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهين، مونکي پاڻ کان شرم ٿئي ٿو، دل چوي ٿي ته عدالت تي ئي ڏنڊ هڻي ڇڏيان. جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ 20 تاريخون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته عدالت درخواستگزار جي وڪيل جي التوا جي درخواست منظور ڪري ورتي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے