اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جون آئيني درخواستون اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواستن تي اعتراض لڳائي ڇڏيا آهن لڳايل اعتراضن موجب درخواستگذار واضح ناهي ڪيو ته درخواستن ۾ ڪهڙو مفاد جو سوال آهي، اهڙا ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا جو آرٽيڪل 3/184 جو دائره ڪار استعمال ٿئي. درخواستگذارن ذاتي رنجش تي آرٽيڪل 3/184 جي غير معمولي دائري جي تحت درخواستون داخل ڪيون رجسٽرار اعتراض ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو ذوالفقار مهدي پي آءِ اي ڪيس ذاتي رنجش جي آڌار تي آرٽيڪل 3/184 جي درخواست داخل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. آرٽيڪل 3/184 جي درخواست جون گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون. ججز آئيني درخواست داخل ڪرڻ جا نه ته پڪا سبب بيان ڪيا ۽ نه ئي وري نوٽيسز جي لاءِ ڌرين جي وضاحت ڪئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي اختيارن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون. هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل هئا.
