سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي جنهن سبب ڪچي جو وڏو علائقو ٻڏي ويو آهي، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سان گڏ فصل تباهه ٿي ويا آهن. ٻوڏ وهڪرا اچڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن جو ٻيڙين ذريعي لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال سان گڏ 5 لک 71 ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي وچولي درجي جو ٻوڏ وهڪرو موجود آهي. امڪاني طور تي ٻوڏ صورتحال جوامڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج تي 5 لک ڪيوسڪ سان وچولي درجي جو وهڪرو موجود آهي ڪنڌڪوٽ ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب 80 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن. قادر پور گيس فيلڊ مان گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي لهڻ شروع ٿي ويو آهي. ماڻهو واپس پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا، جڏهن ته متاثرين نقصانن جي ازالي لاءِ حڪومتي امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن هوڏانهن سجاول جا ٻوڏ متاثرين پنهنجا گهر وڃائي ويٺا آهن. رهواسي، بک، اڃ ۽ بيمارين هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. متاثر خاندان ٻڏتر جي تصوير بڻيل آهن نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ صورتحال آهي. منجٺ ڀرسان وڌيڪ زمينداري بند ٽٽي ويو آهي جنهن سبب پاڻي جي تيز وهڪري روڊ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي جي تيز وهڪرن سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته رهواسي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا آهن.
DailyWaka Sindhi News Papers