لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، ٽورازم ۽ توانائي اهم شعبا آهن جن ۾ باهرين ملڪن کان سرمائيڪاري اچي سگهي ٿي لنڊن مان زوم تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي حوالي سان اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس سان ڳالهين ۾ وزيراعظم چيو ته سمورن اهم شعبن ۾ سرمائيڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي. سرمائيڪاري سان گڏوگڏ واپار کي به هٿي ڏيڻ اسان جي پاليسي جو حصو آهي ته جيئن اسان جي برآمدات ۾ خاطر خواهه اضافو ٿي سگهي وزيراعظم چيو ته وزارتن کي حدف ڏئي ڇڏيا آهن ۽ سمورن تعمير هيٺ منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي هن هدايت ڪئي ته عمل جوڳن منصوبن جي نشاندهي ڪري انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ انهي مقصد جي لاءِ مستقبل کي آڏو رکندي هڪ روڊ ميپ ۽ تبديلي جو ايجنڊا بنايو وڃي ته جيئن پنهنجن حدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ منظم انداز ۾ اڳيان وڌي سگهجي وزيراعظم چيو ته اقتصادي سرگرمين جي روڊ ميپ ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار هوندو ۽ انهن جي شموليت کي يقيني بنايو ويندو. اسان جي جاري معاشي ۽ اقتصادي اصلاحات جي پاليسي معيشت کي هڪ هٿي ڏني آهي ۽ انهي جدت ۽ شفافيت جي بدولت ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي لنڊن مان زوم تي ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزير ماحوليات مصدق ملڪ، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير واپار ڄام ڪمال، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير احمد خان چيمه به شريڪ هو
