بريڪنگ نيوز

سعودي کانپوءِ ڪجهه ٻيا ملڪ به اسرائيل کي تسليم ڪندا: ايلي ڪوهن

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي عرب پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان 6 کان ست مسلمان ملڪ به اسرائيل کي تسليم ڪندا.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سعودي عرب کانپوءِ جيڪي ڇهه يا ست ملڪ اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪندا اهي ايشيا ۽ آفريڪا جا هوندا.ايلي ڪوهن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو ته سعودي عرب سان امن جو مطلب مسلم دنيا ۽ يهودين وچ ۾ امن آهي.ايلي ڪوهن چيو ته هن ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي آهي جن ملڪن جا اسرائيل سان باضابطه لاڳاپا ناهن.ڪوهن گذريل مهيني انڪشاف ڪيو هو ته هن ليبيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ نجلا منموش کي نه رڳو عهدو ڇڏڻو پيو پر ملڪ به ڇڏڻو پيو ۽ هاڻي ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ِ ايران ۽ اسرائيل جنگبندي جو اعلان، ڪابه ڌر سيز فائر جي ڀڃڪڙي نه ڪري: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن/( مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کان پوءِ ايران ۽ اسرائيل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے