بريڪنگ نيوز

جعلي انجيڪشن استمعال سبب شهري اکين جي نور کان محروم، حڪومت پاران ڪاروائي جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور ۽ قصور ۾ اکين جون جعلي انجيڪشنون لڳڻ سبب اکين جي روشني متاثر ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به  ساڳيا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم موجب ملتان، صادق آباد ۾ به اکين جي روشني متاثر ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ٻئي طرف  صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر چيو آهي ته لاهور، قصور، ملتان ۽ صادق آباد ۾ به ڌار ڌار ڊيلرز جعلي انجيڪشن وڪرو ڪري رهيا هئا.نگران صحت واري وزير موجب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جعلي انجيڪشن جي وڪرو جو ڪاروبار ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون. جعلي انجيڪشن وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ جو ڪوبه ماڻهو اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.پنجاب جي صحت واري وزير جعلي انجيڪشن تيار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي…پنجاب ۾ جعلي انجيڪيشن جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويٺا، لاهور کانپوءِ قصور، ملتان، جهنگ ۽ صادق آباد ۾ به جعلي انجيڪشن جي استعمال سبب اکيون خراب ٿيڻ جا ڪيس ظاهر ٿيا  لاهور ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويٺا، ٻين علائقن ۾ ڪجهه ماڻهن جون اکيون ضايع ٿي ويون  صحت کاتي جي اختيارين موجب صوبي ۾ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ انجيڪشن ايواسٽن لڳائڻ سبب ماڻهن جون اکيون ضايع ٿي رهيون آهن، رپورٽس موجب لاهور، قصور ۽ جهنگ ضلعن ۾ شوگر جي مريضن کي اک جي پردي جي علاج لاءِ ايواسٽن انجيڪشنز هنيون ويون،اختيارين موجب اهي انجيڪشنز مريضن ۾ شديد انفڪيشن جو سبب بڻيون، پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چوڌري منظور جو ڀاءُ به اکين جو نور وڃائي ويٺو آهي… اکين جي جعلي انجيڪشن وڪرو ڪندڙ تي ڊپٽي ڊرگ ڪنٽرولر جي  مدعيت ڪيس داخل ڪيو ويو. لاهور ۾فيصل ٽائون ٿاڻي ۾ اکين جي اجيڪشن  اکين جو نور وڄڻ  جي ڪيس ۾ ڊپٽي ڊرگ ڪنٽرولر  ڊرگ ايڪٽ تحت جوابدارن خلاف ايف آءِ داخل ڪرائي. ڪيس ۾ جوابدار نويد عبدالله ۽ بلاول رشيد کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ايف آءِ آر متن مطابق ڊرگ اٿارٽي سائرا ميموريل اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. جتان جوابدار مختلف اسپتالن ۾ جعلي انجيڪشن وڪرو  ڪري رهيا هئا. نگران صوبائي وزير جمال ناصر  مطابق اکين جي انجيڪشن ايوا سٽن سان اکين جي نور وڄڻ جا ڪيس ملطان، صادق آباد، لاهور ۽ قصور ۾ ظاهر ٿيا آهن. نويد ۽ حافظ ۽ بلاول جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي وئي آهي. هي ماڻهو انجيڪشن سان لکين روپيا ڪمائي رهيا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے