بريڪنگ نيوز
TOPSHOT - Afghan people walk inside a fenced corridor as they enter Pakistan at the Pakistan-Afghanistan border crossing point in Chaman on August 25, 2021 following the Taliban's stunning military takeover of Afghanistan. (Photo by - / AFP)

پاڪستان ۾ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو،13 لک 30 هزار رجسٽرڊ، 7 لک 75 هزار غير قانوني ترسيل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان لاڳيتو پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ دنيا جي سڀني کان وڏي ملڪن مان هڪ آهي جنهن سبب ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو آهي.  پاڪستان ۾ گذريل 40 سالن کان ڪيترن ئي غير قانوني افغان شهرين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جون 2023 تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو ٽوٽل انگ 37 لک آهي جنهن مان صرف 13 لک 30 هزار رجسٽرڊ آهن جڏهن ته 7 لک 75 هزار بنا ڪنهن لک پڙهه جي رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن. اهڙي طرح 68.8 سيڪڙو افغان شهري پاڪستان جي شهري يا نيم شهري علائقن ۾ جڏهن ته 31.2 سيڪڙو ٻين 54 مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن.جون 2023ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ غيرقانوني افغان شهرين جو ٽوٽل انگ 42 لک 29 هزار 749 آهي جنهن مان 7 لک هڪ هزار 358(52.8 سيڪڙو) خيبرپختونخواهه، 3 لک 21 هزار 677(24.1) بلوچستان، هڪ لک 91 هزار 53(14.3 سيڪڙو) پنجاب، 73 هزار 789(5.5 سيڪڙو) سنڌ، 41 هزار 520(3.1 سيڪڙو) اسلام آباد ۽ 4352(0.3) سيڪڙو آزاد ڪشمير ۾ آهن. هينئر تائين 6 لک  نوان افغان پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ماضي جي تجربي تي جيڪڏهن هڪ نظر وڌي وڃي ته اسان کي خبر پوي ٿي ته افغان شهرين کي پاڪستان ۾ رهڻ جي جڳهه ڏئي پاڪستان  پنهنجو تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي. غيرقانوني افغان شهرين اسان جي ملڪ جي معاشي ڍانچي ۾ خاموشي سان تبديليون ڪيون آهن جنهن ۾ ذڪر جوڳي مثال پرڏيهي ملڪن کان آندل مختلف شين کي پاڪستان جي مارڪيٽن ۾ پکيڙي پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ شامل آهي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني افغان شهري ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ منشيات ۽ ٻئي  غيرقانوني شين جي اسمگلنگ ۾ به ملوث آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پاران آءِ ايم ايف جون 51 شرطون پوريون، کنڊ جي سرڪاري درآمد تي ٽيڪس رعايت

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايم ايف وفد جي دوري کان اڳ حڪومت آءِ ايم ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے