مظفرآباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ان هائوس تبديلي جي لاءِ پيپلز پارٽي فاروڊ بلاڪ ۾ شامل بيرسٽر سلطان محمود چوڌري گروپ سان رابطو ڪري ورتو. ذريعن موجب بيرسٽر سلطان محمود چوڌري گروپ پيپلز پارٽي کان اسپيڪر آزاد ڪشمير اسيمبلي جو عهدو گهري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته فريال ٽالپر جي بيرسٽر سلطان محمود چوڌري جي گهر پهچڻ جو امڪان آهي، فريال ٽالپر اڄ مهاجر اسيمبلي ميمبرن سان به ملاقات ڪندي. ذريعن موجب اسپيڪر قانون ساز اسيمبلي، صدر جي غير موجودگي دوران وقتي صدر هوندو آهي، بيرسٽر سلطان محمود چوڌري اسپيڪر جي عهدي تي پنهنجو ماڻهو آڻڻ چاهي ٿو. ذريعن چيو آهي ته صدر آزاد ڪشمير بيرسٽر سلطان محمود چوڌري علاج جي حوالي سان پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو ٻئي طرف صدر مسلم ليگ(ن) آزاد جمون، ڪشمير شاهه غلام قادر جو چوڻ آهي ته(ن) ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي حڪومت سازي جو حصو نه بڻجندي. شاهه غلام قادر چيو ته مسلم ليگ(ن) آزاد ڪشمير جي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ اپوزيشن بينچن تي ويهندا ۽ پنهنجو ڀرپور ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي لاءِ صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.ذريعن موجب آصف علي زرداري شهباز شريف کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي فيصلي تي ڀروسي ۾ ورتو، شهباز شريف مسلم ليگ آزاد ڪشمير امور ڪميٽي کي پيپلز پارٽي سان ڳالهين جي ذميواري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي ڪميٽي ۾ احسن اقبال، راڻا ثناءُالله ۽ امير مقام شامل آهن پ پ سان ڳالهين کان اڳ ڪميٽي مسلم ليگ آزاد ڪشمير سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم آزاد ڪشمير راجه محمد فاروق حيدر چيو آهي ته(ن) ليگ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجندو. راجه فاروق حيدر چيو ته(ن) ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ٿي ويو هو ته اسان اپوزيشن ۾ ويهنداسين، پارلياماني پارٽي انهي فيصلي تي قائم آهي ۽ انهي ۾ تبديلي جي ڪابه گنجائش نه آهي. هوڏانهن پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائره چيو ته(ن) ليگ آزاد ڪشمير ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جي فيصلي کان آگاهه نه ڪيو پر اسان جا نمبرز پورا آهن ته حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
DailyWaka Sindhi News Papers