Home / تازا ترين / پ پ سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي پر حالتون توهان جي سامهون آهن : شاهه محمود قريشي
Newly-appointed Pakistani Foreign Minister Shah Mahmood Qureshi addresses the media on his first day at the Foreign Ministry in Islamabad on August 20, 2018. (Photo by FAROOQ NAEEM / AFP)

پ پ سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي پر حالتون توهان جي سامهون آهن : شاهه محمود قريشي

نئون ديرو/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت سڄا وسيلا سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آهن، اسان سنڌ ۾ هنن جو حساب ڪتاب وٺڻ آيا آهيون. عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي سنڌ کي سهولتون ڏيڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي پر افسوس پيپلزپارٽي سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي جيڪو عوام کي ڏيڻو هو پر هنن عوام کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيتون ٺاهي ڇڏيون آهن. هن چيو آهي ته اسان هاڻي سڄي سنڌ جو پيپلزپارٽي کان 13 سالن جو حساب وٺنداسين ، سنڌ ۾ جيڪي پيپلزپارٽي سان وابسته ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي پائڻ لاءِ پيرن ۾ جتي نه هئي هو اڄ لينڊ ڪروزر سميت اربين جا مالڪ آهن، عوام کي ٻڌائن ته هو پئسا ڪٿان آڻين ٿا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چوندو آهي ته عوام کي روزگار ڏنو ويندو 13 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي، زرداري مافيا اسان جي ننڍڙي حقوق مارچ کان ڊڄي ڪري وائڙپ جو شڪار ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڪي پي ڪي ۾ اچڻ وقت ننڍڙو سمجهيو ويو پراسين پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ عوام جون دليون کٽي حڪومت قائم ڪئي سين هاڻي اسين سنڌ ۾ به نڪتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان عوام کي زرداري مافيا جي ڪرپشن ۽ نااهلي عوام جي سامهون آڻڻ لاءِ نڪتا آهيون، لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي کي اسان جي طاقت جي خبر پئجي ويندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے