بريڪنگ نيوز

رابي پيرزادا ”سامونڊي ڦورو“ سان دوستي ڪري ورتي

ڪراچي (اشُبز نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي گلوڪارا رابي پيرزادا پنهنجي ”سامونڊي ڦورو“ دوست کي مداحن سان ملائي ڇڏيو. اسلام لاءِ شوبز انڊسٽري ڇڏيندڙ رابي پيرزادا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي آهي.ايڪس تي شيئر ڪيل تصوير ۾ رابي پيرزادا جي پٺيان ”سامونڊي ڦورو پائريٽس“ جو ڍانچو بيٺل آهي. رابي پيرزادا مداحن سان سامونڊي ڦورو جو تعارف ڪرائيندي چيو ته مون سان گڏ منهنجي بيسٽ فرينڊ آهي. هن مزاحيا انداز ۾ چيو ته آئون سدائين پنهنجي دوست کان کائڻ جو پڇندي آهيان. اڳوڻي گلوڪارا مداحن کان پڇيو ته ڇا اوهان وٽ ايتري سنهڙي دوست آهي. رابي پيرزادا جي بيسٽ فرينڊ تي هڪ واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، هڪ واهپيدار ته رابي شرارتي چئي ڇڏيو. واضح رهي ته رابي پيرزادا ماضي ۾ گلوڪارا، اداڪارا، ماڊل ۽ آرٽسٽ طور شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي هوءَ هڪ فلائي ادارو هلائي رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

”خوبصورت ڇوڪري مبارڪ هجئي“: ثانيه مرزا

ممبئي (شوبز نيوز) انڊين اداڪارا پرينيتي چوپڙا آچر تي اُدي پور ۾ سياستدان راگهو چڊا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے