بريڪنگ نيوز

”خوبصورت ڇوڪري مبارڪ هجئي“: ثانيه مرزا

ممبئي (شوبز نيوز) انڊين اداڪارا پرينيتي چوپڙا آچر تي اُدي پور ۾ سياستدان راگهو چڊا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، ۽ زندگي جي ان اهم ڏينهن کان اڳ هن جي بهترين دوست ثانيا مرزا کيس مبارڪباد جو هڪ خوبصورت پيغام موڪليو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب انڊيا جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پرينيتي چوپڙا سان پنهنجي هڪ دلڪش تصوير هن پيغام سان گڏ انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪئي ته ”خوبصورت ڇوڪري مبارڪ هجئي. آئون توکي وڏو ڀاڪر پائينديس.واضح رهي ته اڄ پرينيتي جي هيڊ جي رسم آهي ۽ ان حوالي سان مهمانن جي اعزاز ۾ منجهند جو کاڌو به ڏنو ويو آهي. ثانيا مرزا کانسواءِ پرينيتي چوپڙا کي سندس سپر اسٽار ڪزن پريانڪا چوپڙا طرفان به مبارڪباد جو پيغام مليو. پريانڪا لاس اينجلس کان انسٽاگرام تي پرينيتي جي خوشگوار موڊ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”مون کي اميد آهي ته ”تون پنهنجي ان وڏي ڏينهن تي خوش ۽ مطمئن هونديئن“.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے