بريڪنگ نيوز

غزه ۾ فلسطينين جو قتل ۽ کين بنيادي ضرورتن کان محروم رکڻ مذمت جوڳو آھي: ايران

تھران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران چيو آھي ته غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام، انھن کي خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن کان محروم رکڻ جا اسرائيلي قدم انتھائي مذمت جوڳا آھن، عالمي برادري اھا بربريت روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيھي وزارت بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته غزه ۾ انساني الميو سنگين ٿيندو پيو وڃي جنھن جو بنيادي سبب اسرائيل جا خوفناڪ ڏوھه آھن. بيان ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن ۽ عالمي برادري کان اپيل ڪئي وئي آھي ته ھو فوري، اثرائتا ۽ فيصلائتا قدم کڻندي ان نسل ڪشي کي روڪين ۽ مظلوم فلسطينين جي تڪليفن ۾ گھٽتائي آڻين. پرڏيھي وزارت جو چوڻ آھي ته غزه جو غير انساني گھيراءُ، بي گھر ماڻھن جي پناھه گاھن تي وحشياڻي بمباري ۽ انساني امداد جي ورڇ وارن مرڪزن کي نشاڻو بڻائڻ ذريعي غذائي کوٽ سبب ماڻھن کي اجتماعي قتل جو نشاڻو بڻائڻ اسرائيل ۽ سندس حامين جا ظلم ۽ بربريت جو ثبوت آھن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايٽمي معاهدي جو وقت پورو ٿيو، هاڻ پابند نه آهيون: ايران

تهران (م ڊ) ايران چيو آهي ته اسان جي ايٽمي پروگرام بابت دنيا سان ڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے