بريڪنگ نيوز

ٽيڪس نظام جي بهتري سان عام ماڻهو تي ٽيڪس بار گهٽ ڪرڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس نظام جي بهتري سان ملڪي آمدني ۾ اضافو ۽ عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ايف بي آر جي سڌارن جي لاڳو ۾ ڪاروباري ماڻهن، واپاري برادري ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت کي نظر ۾ رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي سڌارن سان ٽيڪس نظام جي بهتري خوش آئنده آهي، موجوده گهرجن سان هم آهنگ نظام جوڙڻ جي لاءِ لاڳاپيل مدي ۾ قدم يقيني بڻايا وڃن، هدفن کي حاصل ڪرڻ مثبت آهي پر وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن سان هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان کي مستقل بنيادن تي پائيدار نظام بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. غيررسمي معيشت جي خاتمي جي لاءِ انفورسمينٽ جي حوالي سان وڌيڪ قدم کنيا وڃن. ايف بي آر جي ڊيجيٽل ونگ جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي هدف حاصل ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو وڃي. ايف بي آر جي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪاروباري ماڻهن، واپاري برادري ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڌاراجاتي عمل ۾ سمورين ڌرين سان مشاورت، انهن جي تجويزن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويو. ٽيڪس نظام جي بهتري سان ملڪي آمدني ۾ اضافو ۽ عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ايف بي آر جي سڌارن، قدمن جي نتيجي ۽ گذريل مالي سال جي هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي انفورسمينٽ قدم ۽ ٻين سڌارن جي ڪري 2024ع جي ڀيٽ ۾ 2025ع ۾ جي ڊي پي جي حساب سان ٽيڪس وصولي جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو جو تاريخي اضافو ٿيو. 2024ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2025ع ۾ 30 جون تائين ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جو انگ 45 لک کان وڌي 72 لک کان وڌي ويو. ايف بي آر جي فيس ليس ڪسٽمز ڪليئرنس سسٽم سان نه رڳو ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو پر ايندڙ ٽن مهينن تائين ڪليئرنس جو وقت 52 ڪلاڪن کان گهٽ ڪري صرف 12 ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو. ريٽيل سيڪٽر ۾ 2024ع جي ڀيٽ ۾ 30 جون 2025ع تائين آمدني تي ٽيڪس جي مد ۾ 455 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو. ريٽيل شعبي جي ٽيڪس ۾ اضافو پوائنٽ آف سيلز لاڳو ڪرڻ، ريٽيلرز جي سسٽم کي ايف بي آر سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ انفورسمينٽ جي ڪري ممڪن ٿيو. فيس ليس سسٽم ۾ نظرثاني جي لاءِ خصوصي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسز جا وقت سر فيصلا ڪيا پيا وڃن. قدمن جي ڪري درآمدات تي پروٽيڊ ايوريج ٽيرف ۾ 2.16 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن سان صنعتن جي کاڄرو مال جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي کي سهولت ملندي. ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي شعبي جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ عالمي ماهرن جي تجويزن کي به شامل ڪيو ويندو. صنعتن جي پيداواري مرحلي جي حڪومتي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ اڳ کان موجود ڊيٽا کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس کي ايف بي آر جي وڌيڪ سڌارن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ايف بي آر عملدارن ۽ سڌارن جي عمل ۾ شامل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ايندڙ هفتي تجويزن جي حوالي سان قابل عمل هدف ۽ مدي جو تعين ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے