بريڪنگ نيوز

پاڪستان گڏيل هدفن تي اڳڀرائي جي لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اهڙي دنيا جتي ورڇ ۽ چئلينجز وڌي رهيا آهن اسان کي ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ طاقت بدران سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، پاڪستان انهن گڏيل هدفن تي اڳڀرائي جي لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن سان اسان جو مضبوط وچن آهي، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل مقصدن ۽ اصول، خاص طور تي تڪرارن جي پرامن حل ۽ طاقت جي استعمال يا ڌمڪي کان پاسو ڪرڻ، عالمي انصاف جي لاءِ لازمي آهي، اهي ئي رهنما اصول پاڪستان جي صدارت ۾ منعقد تقريبن جي لاءِ اهم رهندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن، معزز مهمانن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي هن مهيني جي صدارت جو جشن ملهائيندي آجياڻي واري تقريب ۾ توهان سڀني کي ڀليڪار چوڻ منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن سان اسان جو مضبوط وچن آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل مقصدن ۽ اصول خاص طور تي تڪرارن جي پرامن حل ۽ طاقت جي استعمال يا ڌمڪي کان پاسو ڪرڻ عالمي انصاف جي لاءِ لازمي آهي، اهي ئي رهنما اصول اسان جي هن مهيني جي صدارت ۾ پڻ سلامتي ڪائونسل جو ڪم ڀلي اهي مباحثا هجن يا عملي قدم اسان جي حصيداري کي شڪل ڏئي رهيا آهن. محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ دنيا ۾ وڌندڙ بي چيني ۽ تڪرارن جي دور ۾ غير حل ٿيل تڪرارن، ڊگهي مدي واري حل طلب تڪرارن، هڪطرفي قدمن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزين جا نتيجا هر خطي ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن، اسان جو يقين آهي ته عالمي امن ۽ سلامتي رڳو گهڻ رخي تڪرارن جي پرامن حل، جامع مڪالمي ۽ عالمي قانون جي احترام سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. ان ڏس ۾ جيئن ته توهان ڄاڻو ٿا، پاڪستان پنهنجي صدارت دوران ٽن ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، پهرين تڪرارن جو پرامن حل گڏيل قومن جي چارٽر جو بنيادي اصول آهي پر ان کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، اعليٰ سطحي کليل مباحثا ۽ سلامتي ڪائونسل جي متفقه قرارداد 2788 ۾ ان ترجيح جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ٻي گهڻ رخي، اسان گهڻ رخي کي نعري بدران هڪ ضرورت سمجهون ٿا، سلامتي ڪائونسل کي رڳو ردعمل جو ايوان نه پر روڪٿام، مسئلن جي حل ۽ اصولي قيادت جو فورم هجڻ گهرجي. ٽئين گڏيل قومن ۽ علائقائي تنظيمن جي وچ ۾ تعاون، خاص طور تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جيڪو 57 ميمبر ملڪن سان عالمي امن جي تعمير ۾ هڪ اهم حصيدار آهي، اسان 24 جولاءِ تي او آءِ سي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ ان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جا منتظر آهيون. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن، دوستن ۽ حصيدارن سان فعال طور تي مصروف عمل آهي، اها مشغوليت ۽ وچن رڳو سلامتي ڪائونسل تائين محدود نه آهي پر پوري گڏيل قومن جي نظام ۾ ڦهليل آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ ترقي جي عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم آواز آهي، ڀلي اها جنرل اسيمبلي هجي، اي سي او ايس او سي هجي يا ٻيا فورمز، اسان گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن کي مضبوط بڻائڻ جي وڪالت ڪي آهي ۽ عالمي اداري جي سڌارن کي سپورٽ ڪيو آهي ته جيئن اسان جي تنظيم کي وڌيڪ موثر، مضبوط ۽ عام ميمبرن جي مفادن جي لاءِ جوابده بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 28 – 2026ع جي لاءِ انساني حقن واري ڪائونسل جي چونڊن ۾ پنهنجي اميدواري پيش ڪئي آهي جيڪا ايشيا پيسفڪ گروپ پاران حمايت شده آهي، اسان توهان جي قيمتي حمايت جي لاءِ پڻ پراميد آهيون. هن چيو ته اسان جو انساني حقن واري ڪائونسل سان تعلق ٽي آر يو سي اي (ڀائيچاري، احترام، عالمگيريت، اتفاق راءِ ۽ مشغوليت) جي تصور تي ٻڌل آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته آخر ۾ منهنجو پيغام آهي ته هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي ورڇ ۽ چئلينجز وڌي رهيا آهن، اسان کي ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ طاقت بدران سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، پاڪستان انهن گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ توهان سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ڪاميابي سان چين سان گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے