پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ برساتن سبب پيش آيل مختلف واقعن ۾ 9 ٻارن سميت 13 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن. پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا موجب صوبي ۾ برساتن سبب ٻن ڏينهن دوران 9 ٻارن سميت 13 ماڻهو فوت ٿيا، برساتن ۽ تباهه ڪن ٻوڏ سبب 9 ٻار، 3 عورتون ۽ هڪ مرد فوت ٿيا آهن. جڏهن ته 2 ٻار ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. برساتن سبب گڏيل طور تي 19 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جن مان 17 گهرن کي معمولي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 2 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا موجب موسمي حالتن کي نظر رکندي اڳواٽ مختلف ضلعن جي انتظاميه کي حفاظتي اپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ خط لکيا ويا هئ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي سياحتي ماڳن تي بند روڊن ۽ رابطن وارن روڊن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سياحن کي موسمي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ۽ احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا آهن. پي ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن، امدادي ٽيمن، ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو 1122 سان رابطي ۾ آهي، پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سينٽر پڻ مڪمل طور تي فعال آهي. عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جو اطلاع ملڻ ۽ موسمي صورتحال بابت آگاهي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ فري هيلپ لائين 1700 تي رابطو ڪيو وڃي.
