بريڪنگ نيوز

سرحد پار دهشتگردي جا ڀارتي الزام غلط آهن، ڀارت پنهنجو احتساب ڪري: پاڪستان

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان سرحد پار دهشتگردي جي ڀارتي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي، ته ڀارت مظلوم بڻجڻ ۽ الزام لڳائڻ وارن پراڻن بيانن جو سهارو وٺڻ بدران پنهنجو رويو تبديل ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تڪرار جي پرامن حل ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺائڻ واري موضوع تي منعقد ٿيل بحث دوران ڀارتي سفير پرواٿني هريش پاران لڳايل الزامن جي جواب ۾ چئي. هن 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته ڀارت پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ فعال دهشتگردي جي سرپرستي، مدد ۽ پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو مظلوم بڻجڻ ۽ ٻين تي الزام لڳائڻ وارو طريقو غير اثرائتو ٿي چڪو آهي، ڀارت کي گهرجي ته پنهنجو احتساب ڪري هن چيو ته اها ڳالهه افسوس جهڙي آهي، ته ڀارتي سفير خاص ڪري انهي ڏينهن پاڪستان کي نشانو بڻايو جڏهن سلامتي ڪائونسل گڏيل طور تي گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن، تڪرارن جي پرامن حل، عالمي قانون جي احترام ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت  جي توثيق ڪئي. ڀارتي نمائندي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان سڀ کان اڳ اها ڳالهه ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري علائقي تي غيرقانوني قبضو ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن جي چارٽر  ۽ تڪرار جي پرامن حل جي اصولن جي پاسداري وارن دعوائن باوجود ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ۽ انهن تي عملدرآمد کان انڪار ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح ڪشميري عوام کي انهن جو خوداراديت وارو حق استعمال ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت جون انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڄمون ڪشمير جي والاريل علائقن کان ٻاهر تائين پکڙيل آهن ۽ اقليتن سان ڀارت جو خراب سلوڪ انساني حقن جي عالمي تنظيمن پاران وڏي پئماني تي رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي سنڌ طاس معاهدو ختم ڪيو آهي.عثمان جدون چيو ته عالمي قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪندي ڀارت 7 کان 10 مئي تائين پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي، جنهن دوران عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي پنهنجي دفاع واري حق جو استعمال ڪيو ۽ ڀارت جا 6 جهاز تباهه ڪيا. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت پاڻ ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سلامتي ڪائونسل ۾ آندو ۽ هاڻي انهن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻ کان انڪاري آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے