سڊني (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل جانسن پنهنجي ساٿي رانديگرن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.هڪ ڪالم ۾ مچل جانسن ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل ۾ شڪست تي آسٽريليا جي بالنگ اٽيڪ کي ذميوار قرار ڏنو. هن لکيو ته ويجهڙائي وارن سالن ۾ جوش هيزل ووڊ جي فٽنيس سوليان نشان رهي آهي، قومي ذميوارين لاءِ دير سان اچڻ ۽ آءِ پي ايل کي ترجيح ڏيڻ تي به خدشا موجود آهن. مچل جانسن موجب، آسٽريليا جي بِگ فور بالنگ اٽيڪ يعني ڪمنز، اسٽارڪ، هيزل ووڊ ۽ ليون کي هر وقت ڀروسي جوڳو نه ٿو سمجهي سگهجي. جيڪڏهن اهي رانديگر اِهو سمجهن ٿا ته ايشز سندن ڪيريئر جو انجام هوندو ته اها ڳالهه درست ناهي.مچل جانسن جي تنقيد کانپوءِ جوش هيزل ووڊ ۽ نيٿن ليون پنهنجي دفاع ۾ بيان ڏنا آهن. جوش هيزل ووڊ چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته اسان جي چوڌاري ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي پنهنجي تياري ڪهڙي ريت رکڻي آهي. هن چيو ته سخت مقابلن ۾ موسم به اثرانداز ٿئي ٿي، پر مان هن وقت پنهنجي ڪرڪيٽ مان مطمئن آهيان.نيٿن ليون چيو ته اسان مان ڪنهن به پنهنجي جاءِ کي آسان نه سمجهيو آهي، اسڪواڊ ۾ سخت مقابلو آهي ۽ في الحال ڪو به الوداع( رٽائرمينٽ) بابت ناهي سوچي رهيو.
